ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي

ڪيف غزنوي: ڪيف غزنوي 7 جنوري 1986ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. نيشنل ڪاليج آف آرٽ لاهور مان فائن آرٽس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن فلمي ڪيريئر جي شروعات ’سڪينا سمون‘ جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺھندڙ فلم ’انتظار‘ ۾ اداڪاريءَ سان ڪئي. ڊرامي ’سنگ مرمر‘ ۾’پری‘،’لمحے‘ ۾’فیروزا‘ ۽ فاروق رند جي هدايتڪاري ۾ ٺھيل ڊرامي ’ہم کہاں کے سچے تھے‘ ۾ ’شبو‘ جي ڪردار وسيلي شھرت ماڻيائين. سندس ٻين ڊرامن ۾: ’ادھوری عورت‘٬ ’تھوڑا سا آسماں‘٬ ’صدقے تمھارے‘٬ ’میں اور تم پھر سے‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه اسٽيج (ناٽڪن) ۾ پڻ اداڪاري ڪئي اٿس، جن ۾: ’چپ‘٬ ’یھودی کی لڑکی‘٬ ’میئر فارمیئر‘، ’برداشت کا خاتمہ‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت ’کیف والا فائونڈ یشن‘ جي باني آهي، ’بنوت انٽرنيشنل فيسٽيول‘ جي پليٽفارم تان مختلف وقتن تي ثقافتي ميلا به ڪرائيندي رهي ٿي. شارٽ فلم ’اندھا‘ وسيلي بھترين اداڪاره جو ايوارڊ (2021ع) ماڻي چڪي آهي.


لفظ ڪيف غزنويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.01.07  عيسوي

ڪيف غزنوي 7 جنوري 1986ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جانڪي ديوي ٿانواڻي
راحت ڪاظمي
تاجو جتوئي
رياض خان استاد:
محمد احمد شاھ
پير بخاري1
حفيظ قريشي2
سيد فتح محمد شاھہ شيرازي
ارشد محمود
اندر جيت لوهاڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون