ڪينجهر

ڪينجهر

ڪينجهر

ڪينجهر ڍنڍ: سنڌ جي ٺٽي ضلعي ۾ موجود مشھور ۽ تاريخي ڪينجهر ڍنڍ، جو شمار سنڌ جي خوبصورت ۽ تفريحي ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو. سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي هيلايا ٽڪريءَ جي ڀر ۾ آهي. ڪينجهر ڪراچيءَ کان 122 ڪلو ميٽر، حيدرآباد کان 80 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي کان 22 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. 1956ع کان اڳ سونھري ۽ ڪينجهر ٻه الڳ ڍنڍون آڳاٽي زماني کان موجود رهيون آهن. مينھن ۾ جڏهن جابلو ٽڪرين تان نئيون وهي اچي هنن ڍنڍن ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون ته منجهن چاڙهه ايندو هو ۽ اهي ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي پونديون هيون. اهڙي منظر لاءِ علائقي واسي چوندا هئا: ”ڪينجهر ۽ سونھري لائون لڌيون آهن.“غلام محمد بئراج ٺھڻ کان پوءِ 58-1956ع ۾ چلھه سائيڊ مڪان وٽان سونھري ڍنڍ ۾ بئراج جو پاڻي ڇڏي، ٻنھي ڍنڍن کي هڪ ڪيو ويو. تنھنڪري سونھري ۽ ڪينجهر 1956ع کان هڪ وڏي ڍنڍ آهي ۽ ڪينجهر جو اولھه طرف کان چاليا وٽان ٻه واهه ڪلري- بگهياڙ نالي سان ڪڍيا ويا آهن، جن مان هڪ آڳاٽي ڪلري بگهياڙ چليا ۽ سارجيءَ وچان گذري، ڇٽي چنڊ کان پھرين ٻن ڀاڱن ۾ ورهائبو آهي. هڪ ڀاڱو ٺٽي جي ڏکڻ مان گذري ساڪري طرف وهي ٿو ۽ ٻيو ڀاڱو ٺٽي ۽ مڪليءَ جي اتر مان گذري اڳتي وڃي ٿو ۽ اُتي اُن کي ڄام واهه سڏيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪراچي شھر کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪلري- بگهياڙ (K.D.A) نالي سان ان جي ئي ڀرسان هڪ ٻيو به واهه ڪڍيو ويو آهي، جيڪو ٻارهوئي وهندو رهندو آهي. چلھه سائيڊ کان لڳاتار لُڙ پاڻي پوڻ ڪري سونھري ڍنڍ پاسان ڪينجهر ٿرجڻ لڳي. ڪينجهر کي ٿرجڻ کان بچائڻ لاءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ چلھه سائيڊ وٽان پوندڙ بئراج جو وڏو حصو الڳ ڪري ڪينجهر جي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسان اولھه طرف ڪڍي چليا کان اڳيان وري به ساڳي ڪلري بگهياڙ سان ملايو ويو.
سنڌ جي هيءَ خوبصورت ڍنڍ هن وقت ملڪ جي وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، جنھن جي ايراضي 134.6 چورس ڪلوميٽر (33280 ايڪڙ)، ويڪر ڇھه ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه ۾ 23 ڪلوميٽر آهي. ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي گنجائش 0.52 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو توڙي جو ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ واهه ڪلري بگهياڙ آهي، جنھن کي ڪراچي واهه پڻ سڏيو ويندو آهي پر ڪوهستان جون ڪجهه نئيون ۽ ڍورا پڻ وهي اچي ڪينجهر ۾ پون ٿا، جن ۾ سوڙهه، لوياڇ، ٻاڙي، هرولو، ڍور، نيھون، کارڙي، ڪٿڙي، ڪرنجهڙو، لوهيرو، گڻيش، پار وارو ۽ ٻيا ڍورا ۽ نئيون شامل آهن. ڪينجهر ڪراچيءَ کي پاڻيءَ جو مکيه ذريعو آهي. ڪراچيءَ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪينجهر مان هڪ ٻيو به واهه ڪي. ڊي. اي (K.D.A) جي نالي سان چاليا وٽان سڌيءَ ريت ڪڍيو ويو آهي. ڪينجهر سنڌ سان گڏ سڄي ملڪ جي سڀني ڍنڍن کان مختلف آهي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو سھڻو ڏيک ڏيندڙ هيءَ اُجري ڍنڍ آهي پر هن ڍنڍ جا ڪِنارا سَھنجا ۽ سھڻا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو تفريح لاءِ ايندا رهندا آهن. پاڪستان ٽوئرزم، سنڌ ٽوئرزم، آبپاشي کاتو سنڌ، سنڌ فشريز ڊپارٽمنٽ، سنڌ وائيلڊ لائيف، ڪلچر ڊپارٽمنٽ کان سواءِ ڪن غيرسرڪاري ادارن پاران پڻ ڍنڍ تي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ريسٽ هائوسز ۽ هٽس تعمير ڪرايل آهن.
سنڌ جي ٻين ڍنڍن وانگر هيءُ ڍنڍ به گهڻي ماحولياتي گدلاڻ جو شڪار آهي، جنھن جو بنيادي سبب نوري آباد واري صنعتي ايريا جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ ڳرا ۽ زهريلا ڪيميائي مادا آهن، جيڪي ڪينجهر ۾ لڳاتار داخل ٿيندا رهن ٿا. ان کان سواءِ ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙيءَ جي سموري صنعتي علائقي جي ڪارخانن جو زهريلو مادو (Industrial Waste) پڻ غلام محمد بئراج ذريعي ڪينجهر ۾ داخل ٿئي ٿو، جنھن ڪري ڍنڍ ۾ نه رڳو مڇيءَ جي پيداوار تي هاڃيڪار اثر پيا آهن. پر آسپاس ۾ رهندڙ انساني آبادي ۽ زرعي زمينن کي پڻ نقصان پهتو آهي. 1976ع ۾ ڪينجهر کي رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو، اهڙيءَ ريت هن ڍنڍ کي سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس ذريعي جهنگلي جيوت جي تحفظ وارو هنڌ قرار ڏنو ويو.
هن قديم ڍنڍ جي ڏکڻ واري ڪناري تي هيلايا، ڪاتيار، ماڇين، ميربحرن جا ڳوٺ آهن. اولھه- ڏکڻ طرف چليا جو علائقو آهي، اُتر طرف ڪناري تي مير پير جي درگاهه آهي، جتي هڪ قديم غار موجود آهي. اُتر ۾ ڪناري تي ئي جهمپير شھر آهي. جهمپير شھر جي ويجهو ئي ڪينجهر ڪناري تي تاريخي هيم ڪوٽ جا قديم آثار موجود آهن.
ڪينجهر ڍنڍ سمي حاڪم ڄام تماچي ۽ نوري جي عشقيه داستان جي ڪري به گهڻي مشھور آهي.


لفظ ڪينجهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو