ڪينجهررسالو

ڪينجهر (رسالو) 1983ع ۾ ماهوار ڪينجهر جي نالي سان هڪ ادبي رسالو حيدرآباد مان جاري ٿيو، جنھن جا شروع ۾ ڪجهه پرچا نڪتا ۽ پوءِ بند ٿي ويو، پر 1993ع ۾ ڪينجهر ٻيھر ڪرڻ شروع ٿيو، ڪينجهر پاران بھترين لکندڙ کيساليانو ڪينجهر ايوارڊ ڏنو ويندو هو. هيءُ سلسلو ڪافي وقت هليو، ڪينجهر جا ڪجهه خاص پرچا پڻ شايع ٿيا، جن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي نمبر، عبدالڪريم گدائي نمبر، سائين جي ايم سيد نمبر ٻه عدد، آتم ڪٿا نمبر، خاڪا نمبر ٻه عدد، منھنجو ڳوٺ نمبر ٻه عدد، تنقيد نمبر، خط نمبر ۽ سانگي نمبر اهم جاءِ والارين ٿا. ڪافي عرصو بند رهڻ کان پوءِ مارچ 2018ع ۾ ڪينجهر وري جاري ڪيو ويو، جنھن جا پڻ ڪيترائي شمارا جاري ٿيا، پر پوءِ وري به بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو