ڪيولرام آڏواڻي: ڪيول رام آڏواڻي 1804ع ۾ ڄائو هو. حيدرآباد (سنڌ) جو رھاڪو ھو. ھن ٽالپرن جي دور ۾ سرڪاري نوڪري ڪئي، جيڪا انگريزن جي دور تائين جاري رھي. ھن 1864ع ۾ ريٽائرمينٽ ورتي. ھو سنڌي، ھندي، فارسي، پنجابي ٻولين جو ماھر ھو. ھن ’گل شڪر‘، ’گل ۽ سوکڙي‘ سميت ٽي ڪتاب لکيا، جيڪي تمام گهڻو مشھور ٿيا. ھن 1879ع ۾ وفات ڪئي.
1804.00.00 عيسوي
ڪيول رام آڏواڻي 1804ع ۾ ڄائو هو.
1879.00.00 عيسوي
ڪيولرام آڏواڻي 1879ع ۾ وفات ڪئي .