ڪيوِٽيون (زيور): هي سون جا زيور آهن، جيڪي هندو توڙي مسلمان عورتون پائن. جڏهن ته هندن جي ڪن ذاتين جي مردن ۾ پڻ ڪيوٽيون پائڻ جو رواج آهي، ڪيوٽيون ڪنن جي مٿئين پاسي ۾ پائبيون آهن. اڪثر طور هڪ هڪ ڪن ۾ ٽي ٽي ڪيوٽيون پڻ پاتيون وينديون آهن، ڪي ته پنج به پائين. ڪنوارين نينگرين جي ڪنن ۾ هميشه اڪي تعداد ۾ ڪيوٽيون هونديون آهن.