ڪيِريا

ڪِيِريا (ذات): ڪيريا سميجا ڪل مان سنڌ جا سما آهن. جيڪي سمن جي ٻن شاخن مان پيدا ٿيا. ٿيٻي جي پٽ جو نالو انڙ هو، انهيءَ انڙ کي ٻه پٽ، راهو ۽ حبو هئا. حبوءَ کي وري ٻه پٽ سمون ۽ ڪيريو هئا. هڪڙا ڪيريا انهيءَ ڪيريي جو اولاد آهن، جڏهن ته ٻيا ڪيريا وري ٿيٻو بن انڙ بن سمون بن رائيڌڻ، جنھن کي سترهن پٽ هئا، جن مان هڪڙي پٽ جو نالو ’ڪيريو‘ هو، تنھن جو اولاد آهن. هي ڪيريو سپوت ٿيو، جنھن جي نالي سان ٻني جي ڪناري ’ڪيرو جبل‘ مشھور آهي. اهڙي طرح ڪن ٻين ڪيترين ذاتين ۾ ڪيريا نالي نکون ۽ پاڙا پڻ آهن.
ڪيري ناٿ ڀٽ: هيءَ ڀٽ ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ مام چيري جي اتر طرف ڪيري ناٿ جي ڀٽ واقع آهي، جنھن تي سوامي ڪيري ناٿ جو آستان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو