ڪيٽي بندر: سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي ٺٽي ضلعي جو هڪ قديم بندر ۽ شھر، جيڪو گهاري شھر کان 120 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. آڳاٽو ڪيٽي بندر، اڄوڪي ڪيٽي بندر کان ڏکڻ- اوڀر طرف ڪجهه ميل اندر سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙ تي هو. هي بندر اهڙي علائقي تي هو، جنھن جي ٻن طرفن کان گولائيءَ ۾ سنڌوءَ جي لُڙاٽيل مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو وهندڙ هو ۽ باقي طرفن کان سمنڊ هوندو هو. انهيءَ بيھڪ جي ڪري ئي ان کي ڪيٽي بندر ڪوٺيو ويندو هو. ڪيٽي بندر هن کان اڳ ٽي ڀيرا تباهه ٿي چڪو آهي. پھريان ٽي ڀيرا سنڌوءَ جي پاڻيءَ ان کي ٻوڙيو هو، پر هاڻي ان ڪري تباهه ٿي رهيو آهي، جو سنڌوءَ جو وهڪرو حجامڙو، جنھن تي ڪيٽي بندر هو، اهو هاڻ بند ٿي ختم ٿي چڪو آهي. هاڻوڪو ڪيٽي بندر پوءِ جو آهي.
مرزا قليچ بيگ ’قديم سنڌ، اُن جا شھر ۽ ماڻهو‘ ۾ ڪيٽي بندر جو ذڪر ڪندي لکيو آهي: ”اصل ۾ هي ٻاڙي گهوڙا يا گهوڙي ٻاڙيءَ جي لھڻ جي جاءِ هئي. جڏهن شاهبندر ۽ ڌاراجا بندر ڦٽا، تڏهن هن بندر زور ورتو. جتي اڳي وڪر بندر هو، اُتي ان جي ٻُڏي وڃڻ ڪري هيءُ بندر ٻڌو ويو، جيڪو گهڻو جهونو ناهي. اُتي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار هلندو هو.“ حقيقت ۾ هن بندر واپاري لحاظ کان چڱو عروج ماڻيو. هونئن به ڪيٽي بندر وارو علائقو زراعت، چوپائي مال، مڇي وغيره جي لحاظ کان مالا مال هو. هتي جي زراعت ننڍي کنڊ ۾ مشھور هئي. مختلف قسمن جا چانور، جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اعليٰ قسم جا ڄاتا ويندا هئا، سي ڪيٽي بندر واري علائقي ۾ ئي ٿيندا هئا. انگريز سرڪار جي سرڪاري رپورٽن ۾ ڪيٽي بندر ۽ اُن جي آس پاس ۾ پيدا ٿيندڙ زراعت ۽ صنعت جي وڏي واکاڻ ٿيل آهي. اڄوڪو ڪيٽي بندر، سمنڊ تي، اُپٻيٽ وانگر چئن پاسن کان پاڻيءَ ۾ گهيريل آهي. سو لڳ ڀڳ 80 سال کن پراڻو آهي. هن شھر کي ٽن طرفن کان بند ٻڌل آهي، پر جڏهن سمنڊ چڙهندو آهي، تڏهن ڪيٽي بندر جي بازار ۾ ٻه ٽي فوٽ پاڻي بيھي ويندو آهي. جڏهن وير لھي ويندي آهي، تڏهن گپ ۽ چڪڻ رهجي ويندي آهي.موجوده وقت ۾ ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياهه جي مٿان پُل ٻڌڻ سان ساحلي پٽيءَ جي ڪيترن ئي علائقن کي فائدو ٿيندو. موجوده وقت ۾ شھر جي آبادي پنج هزار جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ماهيگيري مکيه ڌنڌو آهي. هن وقت ڪيٽي بندر تعلقي ۾ هيٺيون ديھون رڪارڊ تي موجود آهن.
ڪيٽي بندر، ٽڪر کاريون، نِنگهن واري، ٽڪر ڪاري وارو، کيدي واري، مياڻي، ٽڪرو هاشم، ڀل ٽڪرو، ڀل ڏامون، جاوو، کيرسر (ڏکڻ)، کير سر (اتر)، شاهپور، ڪيٽي هاشم، حميد واري (حاميد واري)، بکرڙو، بانڀٽو ٻگهاڻ، وٺيون، مورانجهر، ڇڇ ولي محمد، جاوو ڪونچي، چوکا، چؤکٽولو، ميرواهه، مٺڙيون، هنبس، ڪيٽي پير علي بخش، ڍالو، گهوڙا ٻاري، ترهٽي، ڄاماڻي ابراهيم شاهه، ڄاماڻي جتوئي، خليفا، جنگي سر/جنگيسر، جمناسر، پير ڪجريو، هُٻا، ٻاٻيو، دُولو ڇولاڻي، مور ڇڏائي، مير واري، ٻيٽ ميھار، ٺاري واري، دارسي، ببلو، ٻيٽڙي، سوکي، ڀنگڙ، جادو ۽ مونارا.