ڪيچ

ڪيچ: بلوچستان جو هڪ قديم ۽ تاريخي شھر ۽ ضلعو، جنھن ۾ چار تعلقا آهن. هن جو پراڻو نالو گنج آباد به ڄاڻايل آهي. هن جي مشھور علائقن ۾ تربت، مند، زامران، بليده، تمپ ۽ دشت شامل آهن. پھرين هي ضلعي مڪران ۾ شامل هو پر 1977ع ۾ هن کي الڳ ڪري، تربت جو نالو ڏنو ويو. 1995ع ۾ هن جو نالو ’ڪيچ‘ رکي، تربت کي اُن جو انتطامي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو. ضلعي جي آبادي لڳ ڀڳ 10 لک آهي. آڳاٽي زماني ۾ ڪيچ سنڌ جو ڀاڱو رهيو آهي.
ڪيچ مڪران بابت اها چوڻي مشھور آهي ته، مڪران بلوچستان جو دروازو ۽ ڪيچ ان جي ڪنجي آهي. ڪيچ کي قديم تھذيب ۽ ثقافت جو امين سڏيو وڃي ٿو. هتي هزارين سالن جي تھذيب ۽ تمدن جا ثقافتي ورثا موجود آهن. آڳاٽي دؤر ۾ ڪيچ کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون. هتي مختلف دؤرن ۾ مختلف قومن ۽ قبيلن حڪمراني ڪئي آهي. ڪيچ ۾ تربت جي الھندي پاسي ٻن ميلن جي مفاصلي تي هڪ قديم کنڊر جا آثار ’بھمن‘ جي نالي سان موجود آهن. قديم مؤرخن مان تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ’مارڪو پولوڪيچ کي ’ڪيز مڪران‘ جي نالي سان ۽ ابن بطوطه وري ’ڪيچ مڪران‘ جي نالي سان سڏيو آهي. ان کانسواءِ ارڙهين صدي عيسويءَ جي نامور تاريخدان ۽ شاعر مير علي شير قانع ٺٽوي پڻ ڪيچ جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. هي سنڌ جو سرحدي علائقو به آهي. جيئن ته ان دؤر ۾ سنڌ جا بندر وڏا واپاري مرڪز هوندا هئا. سسئي پنهونءَ جي رومانوي داستان جي ڪري به ڪيچ رهيو آهي. پنهون جي نالي سان ڪيچ ۾ هڪ قلعي جا آثار موجود آهن، جيڪي اڄ به دڙي جي صورت ۾ ڪيچ نئن جي ڪناري تي موجود آهن.


لفظ ڪيچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو