ڪيڏارو: ڪيڏاري جي لفظي معنيٰ ’جنگ جو ميدان‘ آهي. سنڌ ۾ ڪيڏاري جي تاريخ گهڻي آڳاٽي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ تي ڌارين جا حملا قديم دؤر کان جاري رهيا. نتيجي ۾ سنڌ جي شاعرن پنھنجي آسپاس جي ماحول ۽ ان دور جي حالتن کي ڏسي، جنگي معرڪن جا ڪيڏارا لکيا. شاهه لطيف ۽ احسان فقير لانگاهه ’ڪربلا‘ کي موضوع بڻائي ڪيڏارو لکيو ته وري صوفي صديق شاهه عنايت جي شھادت واري واقعي تي ڪيڏارو لکيو ۽ خليفي نبي بخش ’قاسم‘ ’کرڙيءَ جي جنگ‘ جو ڪيڏارو لکيو.