ڪيڏيو کاري

ڪيڏيو کاري (Kedew Creek): سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هي کاري مصري خان شولاڻي ۽ موسيٰ خان شولاڻيءَ جي ڳوٺن جي آس پاس موجود آهي. هن کاويءَ جي آسپاس ٻيون به ڪيتريون ناريون/کاريون موجود آهن. جن ۾ ڪارو وارو وهڪرو هتان کان 2 ڪلوميٽر اتر اولھه ۾، چڱڙو ڪريڪ 2 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ سم نالو 3 ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ تي، ڪدي وارو ڪريڪ 4 ڪلوميٽر اولھه ۾، حدن وارو ڪريڪ 5 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو