ڪيڙانو/ڪيڙانه: سنڌ جو هڪ سماٽ قبيلو. هن قبيلي وارا سجاول ضلعي ۾ آباد آهن. پنجاب، گجرات، احمد آباد ۽ هندستان ۾ پڻ هن نالي سان ملندڙ جلندڙ ذاتيون موجود آهن پر سنڌ جي ڪيڙانن جو انهن سان ڪو به تعلق نه آهي. گنج بحر واهه جي کوٽائيءَ وقت هن ماڻھن جهنگ ڪٽي، ڪيڙون وهائي، تمام گهڻي محنت سان زمينون آباد ڪيون، جنھن ڪري کين ’ڪيڙانو‘ سڏيو ويو. ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا ۾ ڪيڙانن کي ملاحن جو پاڙو به ڄاڻايو ويو آهي.