ڪيھر (ذات): ڪيھر، راجپوت نسل جا سما آهن. سنڌ، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سمن سردارن مان نر پٽ اُڍو (اوڍو)، لاکيار ۽ لاکو گوڙا حاڪم ٿي گذريا آهن. لاکو گوڙا ۽ ٻيا ان وقت اڃا مسلمان ڪونه ٿيا هئا. انهيءَ لاکو گوڙا (گرڙا) کي اٺ پٽ هئا، جن مان موڙو (مور) ۽ منھيو (منائي) سنڌ ۾ رهندا هئا ۽ ڏاڍا ظالم هئا. هي ٻئي ڌاڙا هڻندا ۽ ڦرون ڪندا هئا. هنن ٻنهي گڏجي پنھنجي ڀاءُ اُنڙ کي قتل ڪيو هو ۽ پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ڪڇ ۾ رهيا. ڪڇ جو ڄام اوڍو سندن ويجهو عزيز هو، جنھن هنن کي پناهه ڏني. ڦرن ۽ ڌاڙن جي ڪري هو ايترا ته مشھور ٿي ويا جو ماڻهو کين ڪاريھر (نانگ)، قھر (غضب)، ڪيھر (شينھن) جي نالن سان سڏڻ لڳا. ڪيھر جي اولاد به پاڻ کي ذات جو ’ڪيھر‘ سڏايو.