
ڪي ايس ناگپال
ڪي ايس ناگپال: ايس ناگپال'>ڪي ايس ناگپال جو اصل نالو ڪنھيا لال آهي. هن 15 اپريل 1951ع تي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ايم.اي (انگلش) ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين ۽ نيدرلينڊ مان ميڊيٽيشن ۾ گرئجوئيشن ڪيائين. پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد/ پروفيسر رهيو آهي ۽ پرنسيپال جي عھدي تان نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيو. هي سنڌيءَ جي مختلف ٽي وي چينلن تي پروگرام به ڪندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جيون تاءُ تتيءَ جو‘ (شاعري)، ’دک پنڇي‘ (روحانيت)، ’جپ صاحب‘ (روحانيت)، ’شاهه جو چونڊ ڪلام‘، ’گرو نانڪ اور سنڌ ڪي صوفي‘،'Life in Dreams: Poetry)', 'Karl Marx (Biogrophy)', 'A Hand Book ofEnglish', 'Sofis of Indus Vally', 'Oneness (Article), 'Sofism Religion of 21st Century (Article)' & 'Spoken English By: Sindhica" شامل آهن. ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چُڪا آهن.
1951.04.15 عيسوي
ڪي ايس ناگپال جو اصل نالو ڪنھيا لال آهي. هن 15 اپريل 1951ع تي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.