ڪَترو (نڙو) رَڇ (شڪار): مڇيءَ جي شڪار لاءِ هي رڇ اڪ جي آلي ڪاٺيءَ جون کلون لاهي، سڪائي، پُسائي، انهيءَ مان سنهيون ڌاڳن جهڙيون تندون ڪڍي، ڳنڍي، ٽوپي اُن مان ٺاهيندا هئا تہ سڻيءَ مان تندون ڪڍي، ڌاڳو ٺاهي، ان مان بہ ٺاهيندا هئا. ڪترو نڙو يا ڪترو رڇ، انچ ڏيڍ جي اکن (سوراخن) سان پنج ڇھه فُوٽ ويڪرو ۽ چاليھہ پنجاھہ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ان جي هيٺان، مٿان، ڊگهي ڏور، اکن ۾ ڦاسائي ڇڏبي آهي، جنھن کي ‘رانءَ’ چيو ويندو آهي. مٿئين رانءَ ۾ سڪل ڪانا فوٽ جيترا جڙي ڇڏبا يا ڪو ڪدو يا، سامونڊي گج جا دڦا بہ ڦاسائي ڇڏبا آهن تہ جيئن پاڻي ۾ لاهڻ وقت مٿيون پاسو تري بيھي ۽ هيٺيون پاسو تر وڃي وٺي. هي رڇ گهڻو ڪري، ڇرن، ڇڇن ۾ ٿوري گهڻي جهنگ ۾ لاهي ڇڏبا آهن، مڇي جيئن خوراڪ جي ڳولا ۾ ڇرن جو رخ ڪندي آهي، تہ انهن ڪترن رڇن ۾ ڦاسي پوندي آهي. ڪتري رڇ ۾ پاءُ کان سير تائين واري مڇي ڦاسي سگهي ٿي.