ڪَجلاسر

ڪَجلاسر (تلاءَ): هي تلاءُ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر ۾ ويرا واھہ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اوڀر طرف موجود آهي، جتي برسات کان پوءِ اڄ بہ ڪيترن مھينن تائين پاڻي موجود رهي ٿو. هن تلاءَ جي نالي بابت پارڪر ۾ مختلف روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ اهو بہ عام آهي تہ پاري نگر جي هڪ ارب پتي اوسواڙ ڪاجل شاهيءَ تلاءَ جوڙايو هو، جنھن ڪري هن جي نالي پٺيان ڪجلاسر سڏجڻ لڳو. هڪ ٻيءَ روايت آهي ته، جنھن زماني ۾ پارڪر گهڻو سکيو ستابو هو، تنھن زماني ۾ هتي جون نوجوان ڇوڪريون گهڻو هار سينگار ڪنديون هيون ۽ اکين ۾ ايترو ڪجل وجهنديون هيون، جو سندن اکيون هرڻيءَ جهڙيون ٿي پونديون هيون. سندن اکيون هر وقت ڪَجل سان ڀريون پيون هونديون هيون. جڏهن هو صبح ويل ان تلاءَ تي اچي هٿ منھن ڌوئنديون هيون تہ تلاءَ جو پاڻي گهڻي ڪجل سبب ڪجل جهڙو ڪارو ٿي ويندو هو. ان ڪري هن تلاءَ جو نالو ئي ’ڪجلاسر‘ پئجي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو