ڪَجليو

ڪَجليو (گيت): هي ٿر جو مشھور لوڪ گيت آهي، جيڪو ٻن محبت ڪندڙن جي فراق سبب وجود ۾ آيو. هڪ روايت موجب: تعلقي ننگرپارڪر ۾، ’وَڪـُـڙيي‘ لڳ ‘تارياڻي’ جو ڳوٺ آهي، جو اڪثر ’سيدن جو تارياڻو‘ ڪري سڏجي ٿو. اُتي ’ڪارو‘ نالي ’ڪارينڌو‘ پاڙي جو هڪ ڀيل رهندو هو، جنھن جي هڪ عورت سان محبت هئي. چون ٿا تہ هلنديءَ وارن کي اها ڳالھہ ناپسند هئي، ان ڪري ڪنھن بھاني سان ڪاري ڀيل کي قيد ڪرائي ڇڏيائون. پوءِ ان محبت ڪندڙ پنھنجي محبوب ڪاري ڀيل جي فراق ۾ ’ڪـَـجليو‘ ڳايو. ’ڪجليي‘ جون ڪي مصراعون انهيءَ واقعي ڏانھن اشارو ڪن ٿيون، پر پوءِ ان ۾ مختلف مضمونن وارين مصراعن جو اضافو ٿيندو رهيو آهي. هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي، پر مڪاني طور هن محاوري ۾ فرق آيو، جيئن لاڙ مان مليل روايت ۾ هڪ مصرع بلڪل سنڌي آهي: سنڌڻ جُتي پير ۾، پير جوتيءَ جان. جيڪا پوءِ جي ٺھيل آهي. هن گيت جون عام طرح ٻہ وراڻيون مشھور آهن:
(1) ڪارا! ڪجليو ٿي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان.
(2) ڪاري نان ڪجليو ٿي گان، ڪاري نان ڪجليو ٿي گان.


هن صفحي کي شيئر ڪريو