
ڪَراڙ ڍنڍ
ڪَراڙ ڍنڍ: هيءَ مشھور ڍنڍ، ضلعي هالا، تعلقي مٽياريءَ جي ڀٽ شاھہ شھر، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاھہ جي ڏکڻ طرف ٻہ سئو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هيءَ ڍنڍ هڪ خاص تاريخي پسمنظر رکي ٿي. ڪلهوڙن جي دور کان اڳ سنڌو درياھہ مختلف وهڪرا ٺاهيندو رهيو. موجودہ ڀٽ شاھہ وارو علائقو سنڌو درياھہ آڳاٽي وهڪري جو ڇڏيل پيٽ آهي. ڪراڙ ڍنڍ، ’ڪراڙ جي ڪن‘ جي نالي سان سنڌو درياھہ جو هڪ ڪُن هو. درياھہ پنھنجو رخ مٽايو تہ هتي واريءَ جي هڪ وڏي ڀٽ ظاهر ٿي ۽ انهيءَ ڀٽ جي چوڌاري پاڻي بيھي ويو. جتي درياهي ڦاٽ مان پاڻي ايندو رهندو هو. هن پٽن ۾ ڪلهوڙن حاڪمن ٻہ واھہ کوٽرايا. هڪ ڀٽ شاھہ جي ڏکڻ ۾ پنج يا ڇھه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ساڱري وهڪري وارن پٽن تي، جنھن جو نالو ساڱرو مشھور ٿيو. ٻيو ڀٽ شاھہ کان اتر ۾، ساڳئي مفاصلي تي، جنھن جو نالو ’سارنگ واھہ‘ هو، جن جا ڪجهہ حصا اڄ بہ ڪٿي ڪٿي ڀڏن جي شڪل ۾ موجود آهن. ’ساڱري‘ مان علي واھہ وسيلي ڪراڙ ڍنڍ تائين پاڻي ڇڏيو ويندو هو، جنھنڪري ’ڪراڙ جي ڪُن‘ جي جاءِ تي ’ڪراڙ ڍنڍ‘ ٺھي پئي.
1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج ٺھيو تہ سنڌ ۾ واهن جي سرشتي جنم ورتو. ڀٽ شاھہ جي اولھه- ڏکڻ ۾ وهندڙ ’تارا شاخ‘ مان هن ڍنڍ کي پاڻي ملڻ لڳو ۽ ڍنڍ ڀٽ جي ڏکڻ تائين محدود ٿي وئي. ان جي ويڪر موجودہ ريسٽ هائوس ۽ ڪلچر سينٽر کان يعقوب شھيد جي مقام تائين هئي. هن وقت ڍنڍ جي ڏکڻ ڪنڌيءَ تي ٻگهيا پاڙو ۽ اتر ۾ شاھہ لطيف جو روضو، پير پاڙو ۽ شيخ پاڙو آهن.
مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪراڙ ڍنڍ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي: ”ڪراڙ ڍنڍ، ڀٽائي صاحب جي مزار کان هيٺ آهي، جنھن ۾ سنڌو درياھہ جو پاڻي علي واھہ ذريعي پھچي ٿو. ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھہ هالا پراڻا کان ٿيندو ڀٽ شاھہ کان گذري نصرپور کان ٿيندو، ٿر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ڀر وٽ ڪراڙ جو ’ڪُن‘ مشھور هو، جنھن ڪيترائي ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا. جڏهن ڀٽائي صاحب ڀٽ شاھہ تي ديرو ڄمايو تہ فقيرن، هن ڍنڍ مان مٽي ڍوئي، ڀٽ تي هڪ وسيع ٿلهو ٺاهيو هو ۽ اتي ئي ڀٽائي صاحب رهڻ لڳو. سانوڻ ۾ جڏهن درياھہ چاڙھہ ڪندو هو تہ هيءَ ڍنڍ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندي هئي ۽ سڄو سال ڍنڍ ۾ پاڻي هوندو هو.“
شاھہ لطيف ۽ سندس درگاھہ جي حوالي سان ڪراڙ ڍنڍ جي وڏي اهميت آهي. چيو وڃي ٿو تہ شاھہ صاحب نوجوانيءَ کان ئي هن ڍنڍ تي ايندو رهندو هو ۽ آخري ڄمار ۾ پاڻ نيٺ هن ڍنڍ جي ڪناري تي پنھنجي فقيرن سان گڏ اچي رهيو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڀِٽَ کي وسائڻ جو سال 1144ھہ/ 1731ع آهي ۽ انهيءَ سال شاھہ صاحب جي والد شاھہ حبيب وفات ڪئي، جنھن کي شاھہ صاحب خود ڀٽ تي اچي دفنايو. پنھنجي والد صاحب کي ڀٽ تي دفن ڪرڻ سان گڏ، پنھنجي دفن ٿيڻ جي وصيت بہ ڪيائين. شاھہ لطيف ڪراڙ ڍنڍ کي، سُر سارنگ جي چئن بيتن ۾ چٽي نموني ڳايو آهي:
ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سھج منجها
کِڙيون کٽڻهار جئن، وِڄُون اُتر واءِ،
سَر سُڪا سبز ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا
پھري پَٽَنئا، ڀريائين ڪُن ڪراڙ جا
(سر سارنگ، داستان چوٿون)
ڪراڙ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر شيخ اياز جي آخري آرامگاھہ پڻ آهي.