ڪَٺمال

ڪَٺمال

ڪَٺمال

ڪَٺمال (ڳھه): ڪٺمال ڳچيءَ ۾ پائڻ جو هڪ ڳھه آهي، جيڪو گهڻو ڪري چانديءَ مان ٺاهيو ويندو آهي. پر شاهوڪار ماڻهو سون مان بہ ٺھرائيندا آهن. هن جي ڊيگهہ بہ هار جيتري ۽ وچ تي کارڪ کان ٻيڻو وڏو ۽ چنھنبيارو ’ڍولڻ‘ لڳل هوندو آهي. جنھن کي ٻہ ڪڙا ٿين، جن ۾ ڌاڳا وجهي، سرين ۾ ورهائي انھن ۾ چانديءَ جا پورا مڻڪا پوئي، ڌاڳن کي ٻنڌيون ڏيئي ڪٺمال ٺاهبي آهي.
ڪَٺمال جا ٽي اهم حصا ٿين. (1) ڍولڻ، (2) داڻا، (3) سريون. سونارا انھن ٽنھي حصن کي ڌار ڌار گهڙي جڏهن پوئيندا آهن تہ ڪٺمال ٺھي پوندي آهي. ڪٺمال ۾ چار سريون ٿين ۽ هر سَريءَ ۾ 15 داڻا هوندا آهن. گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڍولڻ بہ ڪيترن ئي قسمن جا ٿين. جڙادار، چٽ وارو ۽ لسو ڍولڻ عام آهن. ڪٺمال جي آخري حصي کي ڍولڻ چئبو آهي، جيڪو اندران پورو ٿئي. هي ڳھه گهڻو ڪڪري ڪنوارپڻ جي ڄمار جو ڳھه آهي، ان ڪري مائٽ ئي ڌيءَ کي ڏيندا آهن. هن جو اصل نالو ’ڪنٺ مالا‘ يعني ڪنڌ جي مالھا آهي، جيڪو پوءِ ڪٺمال سڏجڻ لڳو. هي ڳھه سنڌ جي خاص ڪري ٿر ۽ لاڙ واري پاسي هندو توڙي مسلمانن جي مختلف ذاتين ۾ گهڻو پاتو وڃي ٿو. ٿر ۾ ڪٺمال کي ڪنٺلو پڻ چيو ويندو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي هڪ ڪتاب ۾ نالو پڻ ”ڪٺمال“ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو