ڪَچري

ڪَچري (ڏٿ): وسڪاري جي مند ۾ مارو ماڻهو ننڍن چڀڙن کي وڍي ان تي ٿورو لوڻ ٻرڪي سڪائي رکندا آهن. سڪل نمڪين چڀڙن کي ’ڪچري‘ سڏيو ويندو آهي، ڪَچريون ’چپس‘ وانگر تري ڀت سان بہ کاڌيون وينديون آهن. ڪجهہ ماڻهو مانيءَ سان پڻ کائيندا آهن. ڪچرين جو استعمال ڏٿ طور ٿيندو آهي. ڪَچريءَ کي ’لوڻيا‘ پڻ سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو