ڪَچرڪ

ڪَچرڪ (جابلو چوٽي): ڪچرڪ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ ڏاڙهياري جبل جي چوٽي آهي. هي کيرٿر جي مٿانھين ۽ وسيع ماٿري نئن گاج جي مٿان آهي، جيڪا نصير آباد ۽ ميھڙ کان اولھه ۾ آهي. کير ٿر ۾ جيڪي چار چوٽيون پنھنجي اوچائيءَ سبب مشھور آهن، انهن مان هيءَ بہ هڪ آهي. کير ٿر ۾ هراڙ کان هڪ ويڪرو رستو، ڏکڻ پاسي ڪچرڪ چوٽيءَ ڏي وڃي ٿو، جيڪو هڪ خوبصورت سرسبز ۽ وڻندڙ ماٿريءَ مان گذري ٿو. هن ماٿريءَ جي اولھہ ۽ ڏکڻ ۾ ساوا جبل آهن. هي وسيع سرنگ جهڙي وادي، ساون ٻوٽن ۽ ساوڪ سبب کير ٿر جو خوبصورت حصو آهي. ڪچرڪ اتر کان ڏکڻ واري ڊيگهہ چار ڪلوميٽر ۽ اولھه کان اوڀر ويڪر ڏيڍ ڪلو ميٽر ٿيندي. هن ماٿريءَ جي زمين چيڪي ۽ پوکيءَ لائق آهي، جيڪا دائمي وهندڙ چڱري واهيءَ تي آباد ٿئي ٿي، جتي ڪڻڪ، گوار ۽ جوئر جو فصل جام ٿئي ٿو. ڪچرڪ واديءَ جا ڪنارا اُڀين چوٽين وارا آهن. جن جي اوچائي پنج سؤ فوٽ ٿيندي. هن جي اولھه ۾ بوزر ۽ عرضي موڙ چوٽيون آهن، جن چوٽين تي ساون ٻوٽن ڪري اُڀا ساوا پٽا ٺھي پيا آهن. ڪچرڪ جي اتر ۾ هراڙ، ڏمريو ۽ من دوست چوٽيون آهن، ڏکڻ ۾ نئن گاج، گورک، شڪلوئي ٽونڪ آهن. اوڀر ۾ ڪاڇو ۽ اولھہ ۾ بلوچستان آهي. ڪچرڪ ۾ صدر پير ۽ بدر پير جون قبرون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو