ڪَچو (درياهي علائقو): درياھہ جي ٻنهي ڪپن واري زمين کي ’ڪچو‘ چئبو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کي ‘ڪچي جا ماڻهو’ ڪري سڏبو آهي. ڪچي واري علائقي ۾ گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا آهن، جن ۾ ٻٻر، ڪنڊي، لَيون، ڄاريون، باهڻ،کِپ ڪانھن سَر وغيرہ گهڻا ٿيندا آهن. وڻن سان گڏ وليون، ٻوٽا، ٻُوڙا ۽ ٻيون شيون بہ جام ٿينديون آهن. ڪچي ۾ چوپائي مال جو چرهو گهڻو هئڻ سبب منجهن واڌ ويجهہ بہ گهڻي ٿئي تہ کير مکڻ بہ جام ٿيندو آهي، ڪيترن ئي قسمن جا جهنگلي جانور ۽ پکي پکڻ تمام گهڻو ٿيندو آهي. قيمتي قسم جو ڪاٺ، کنئور، ماکي، لاک وغيرہ بہ گهڻو ٿئي ٿي.
ڪَچي جي ماڻهن جا گهرلين، ٻٻرن، باهڻن ۽ ڪانھن جا ٺھيل هوندا آهن. ڪانھن سان ٺھيل ڇتيون ۽ ڀتيون جٽادار ٿينديون آهن. گهرن سان گڏ هو پنھنجي چوپائي مال جا وٿاڻ، جن کي واڙا بہ سڏيندا آهن، مضبوط ۽ ڪشادا ٺاهيندا آهن.
ڪَچي ۾ درياھه جي ڀڄايل زمين تي ’بوسي‘ ڪڻڪ تمام ڀلي ٿيندي آھي. ڪچي ۾ ’چيٽاس‘ ڦٽندو آھي تہ ڪچو سرسبز ٿي پوندو آھي. ڪچي جا ماڻهو ٻوڏ سبب توڙي ڏکيا ٿين ٿا، پر مصيبت وقت ڪچو نہ ڇڏيندا آهن.
هڪ اندازي مطابق ڪچي جي علائقي ۾ جيڪو ڪشمور کان وٺي درياھہ جي پڇاڙ يعني سامونڊي ڪناري تائين آهي، جنھن ۾ 20 لک 11 هزار 2 سؤ ايڪڙ ايراضي زمين اچي وڃي ٿي، ان ۾ 6 لک ايڪڙ درياھہ جي وچ وارو حصو آهي. 4 لک 50 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زير استعمال آهي، 50 هزار ايڪڙ زمين تي ڍنڍون ۽ ڳوٺ وغيرہ آهن، جتي ڪابہ پوک نہ ٿي ٿئي ۽ باقي زمين زرعي استعمال هيٺ آهي.
اڌ صدي اڳ ڪَچي جي علائقي ۾ صرف ساڍا ست لک ماڻهو آباد هئا ۽ هاڻ اهو تعداد 35 لکن کان بہ وڌيڪ آهي، سرڪاري انگن اکرن مطابق هن وقت 17 لک 86 هزار کان وڌيڪ ڪچي جي ايراضي بااثر ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي، جتي وڏيرن ۽ جاگيردارن پنھنجيون ’ڪيٽيون‘ قائم ڪري ڇڏيون آهن. غير قانوني بند ٻڌائي پوکون ڪري رهيا آهن ۽ وڏي پئماني تي ڪچي واري علائقي ۾ وڻن جي واڍيءَ وارو غير قانوني ڪم جاري آهي، جنھن سان درياھہ جا ٻيلا لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪا آهن. ڪجهہ سال ڪچي جي علائقي ۾ 42 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا هئا، پر لڳاتار غير قانوني ڪٽائي سبب 2010ع جي سروي موجب ٻيلن جي ايراضي صرف 0.72 سيڪڙو وڃي بچي آهي.
آبپاشي ماهرن، سنڌو درياھہ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ٽن حصن ۾ درجي بندي ڪئي آهي. درياھہ جو پاڻي جيڪڏهن 50 هزار کان هڪ لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ آهي تہ ان کي عام ٻوڏ سڏيو ويندو آهي، جنھن ۾ ڪچو محفوظ رهندو آهي. پاڻيءَ جو مقدار هڪ لک کان ٻہ لک ڪيوسڪ جي وچ ۾ هجي تہ پوءِ ڪچي جي فقط 10 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ ايندي آهي، پر ان سان ڪنھن بہ مالي نقصان جو خطرو نہ هوندو آهي. ٻہ کان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جو 20 سيڪڙو حصو متاثر ٿيندو آهي. جيڪڏهن درياھہ ۾ 4 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ اچي ٿي تہ ان سان ڪچي جو 35 کان 40 سيڪڙو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي، جنھن سان فصلن ۽ گهرن کي نقصان پھچي ٿو ۽ ڪچي جي آبادي ڪجهہ وقت لاءِ بندن تي منتقل ٿي ويندي آهي. 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جي اچڻ تي ڪچي جي 60 کان 70 سيڪڙو ايراضي پاڻيءَ هيٺ اچي ويندي آهي. ست لک ۽ ان کان وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ڪچي جو 90 سيڪڙو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو آهي ۽ پوءِ ڪچي جي ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي.
ڪَچي جا فصل: ڪچي ۾ درياھہ جي اُٿل ۽ ريج اچڻ ڪري ڪيترا ئي فصل گهڻا ۽ ڀلا ٿيندا آهن. ڪتيءَ جي فصل (خريف) ۾ جوئر کان سواءِ ٻيا فصل بہ ٿين ٿا جن ۾: ٻاجهري، تر، مڱ، رانھا، گوار، سڻي، ڪپھه، سايون ڀاڄيون ۽ مڪئي شامل آهن. ڪتيءَ جي فصل ۾ سنڌو درياھه تي اڳي هُرلا ۽ نار چڙھندا ھئا، واھن تي بہ ’ نار‘ چڙھندا آھن. ڪچي ۾ چيٽ (ربيع) دوران نار چڙھندا آھن، چيٽ وارن فصل ۾ ڪڻڪ، سرنھن، ڄانڀو، مٽر، چڻا، وغيرہ. ڪچي ۾ رهندڙ مالوند ماڻهن جي مال جي ڇيڻن جو ڀاڻ بہ جام ٿئي ٿو، جيڪو زرعي زمينن کي سگهہ ڏيڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي.
ڪَچي ۾ درياھه جي ڪنارن تي يا ٻيٽن تي ٿيندڙ گاھه: ڪچي واري علائقي ۾ سانوڻي، ٻوڙي، ڪانھن، ڀتر، کيرول، للر، مريڙو، ساوڙي، ڇمڪو، ڇٻر، ٻڪن، چانھڪ، ڪچو سر، ڊڀ، کاراھو، ٻوڙي وغيرہ ۽ ٻيو گاھه درياھہ جي ڪنارن وارن ٻيٽن تي گهڻو ٿيندو آھي. مالوند ماڻهو پاڻي لھڻ جي مند کان سڄي سياري جي مند تائين اتان گاھہ ڪڍي، مٿن تي کڻي وڃي، مال کي وڃي کارائيندا آھن.
ڪچي جا نار: صدين کان سنڌوءَ جي ڪنارن، ڍورن ۽ واھن تي نار چڙھندا آيا آھن، چيٽ ۽ ڪتيءَ ۾ نارن تي چڱي آبادي ٿيندي آئي آھي، نار جو پاڻي مٿاھين زمين تي پھچائبو آھي. ڪچي ۾ آبادي ھيٺين طريقن سان ٿئي ٿي: (1) سيلابي، (2) چرخي، (3) چاھين، (4) باراني.
انهن مان ڏکيو طريقو نار آھي. نار تي آبادي ڪرڻ جو طريقو آڳاٽي دؤر کان هلندو اچي. وونئڻ ڪتيءَ جو فصل آھي. ان مند ۾ درياھه جي اٿل ٿيندي آھي. جنھن طرف درياھه جي ليٽ (جنھن کي درياھه جو ’آرو‘ بہ چئبو آھي) ٿيندي، اھي ڪچي جا پاسا پاڻيءَ ھيٺ ھوندا آهن پر جيڪڏهن درياھه رخ مٽائي ويندو آھي تہ پوءِ ڪنھن پراڻ يا ڍوري تي نار چاڙھي ڪتيءَ جي فصل ۾ وونئڻ ۽ ٻيا فصل پوکيندا آھن. درياھھ جو سيڪ چيٽ جي فصل ۾ ڪم ڏئي سگهي ٿو، باقي ڪتيءَ تائين سيڪ زمين ۾ ڪٿي رھي نہ ٿو سگهي.