ڪَڪرالو 2 پرڳڻو

ڪَڪرالو 2 (پرڳڻو): سنڌ جي سامونڊي ڪناري جي حدن ۾، لاڙ جو هڪ آڳاٽو پرڳڻو، جيڪو شاھہ بندر ۽ اُن کان اوڀر ۽ ڏکڻ واري علائقي تي مشتمل هو. سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ موجود هن پرڳڻي تي سمن بہ حڪومت ڪئي هئا. سمن جي ڏينھن ۾، ڪڪرالي پرڳڻي زور ورتو، هن پرڳڻي تي اُنڙ جي اولاد مان ’ٻڍو‘، ’جکرو‘، ’هوٿي‘، ’ڏيسر‘ ۽ ’هالو‘ مشھور حاڪم ٿي گذريا آهن. ڪڪرالي جي زمين ڪيھر سمي ۽ سندس اولاد جي هٿ هيٺ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي وقت تائين رهندي آئي، بعد ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي هن پرڳڻي جي رياست واري حيثيت کي ختم ڪري سنڌ سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ سما انهيءَ پرڳڻي ۾ محڪوم ٿي رهيا. ڪڪرالي جي ميدان تي ڪيتريون ئي جنگيون ٿيون آهن، جن مان ميرزا باقي بيگ جي وقت ۾ جان بابا ۽ رتي سوڍي واري جنگ، شاھہ جھان ۽ ڪڪرالي جي ڄام واري جنگ ۽ ميان غلام شاھہ ۽ ڪڪرالي جي ڄامن واري جنگ مشھور آهن.
1009ھہ /1600ع ڌاري ڄام ڏيسر جو پٽ ڄام هالو ڪڪرالي جو حاڪم رهيو. مرزا غازي بيگ لشڪر وٺي ڪڪرالي تي ڪاهي اچي قبضو ڪيو. ڪڪرالي جو پرڳڻو ورهائي ٽي ڀاڱا ڪيو. جن مان هڪڙو ڄام داؤد کي ۽ ٻہ ڀاڱا پنھنجي ملڪ سان گڏائي ڇڏيا. جڏهن نواب مير خان دهليءَ جي بادشاھہ شاھجھان پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن بادشاھہ، نواب کي حڪم ڪيو تہ اڳوڻي نواب شريف خان، سندس دوست ڪڪرالي جي ڄام ۽ ٻين کي مارائي ڇڏي، ڇو تہ انھن شاھجھان کي ٺٽي ۾ اچڻ وقت تڪليف ڏني هئي، جڏهن هو اڃا شھزادو هو. نواب مير خان انهيءَ حڪم تي عمل ڪيو.
ڪلهوڙن جي ڏينھن ۾ ميان مرادياب ۽ پوءِ وري غلام شاھہ حملا ڪيا. ميان غلام شاھہ هن علائقي تي قبضو ڪيو. هتان اڳتي وڌي ميان غلام شاھہ لنگهي ڪڇ ويو هو ۽ ڪڇ جا ڪيترا ئي ڳوٺ ۽ شھر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا هئا. هن ڪڪرالي ۾ هڪ قلعو جوڙايو، جنھن کي شاھہ ڳڙھہ ۽ اُن جي ئي آسپاس، درياهي وهڪري تي، هڪ بندر جوڙايو، جيڪو شاھہ بندر سڏيو ويو. شاھہ بندر ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جا 15 سامونڊي جھاز بيٺل هوندا هئا. ڪڪرالي جي نوابي ان وقت ڪنھن ’کٽياڻ‘ جي حوالي هئي. هي پرڳڻو شاھہ بندر کان ڏکڻ طرف سمنڊ تائين هو ۽ مالي طور فائديمند هو. ميرن جي ڏينھن ۾ ڪڪرالي تي سنڌ جي ميرن پاران نائب مقرر ٿيندا هئا. ڪڪرالي مان سنڌ کي هر سال ٻہ لک ٻاويھه هزار رپيا (2،22،000) ٽئڪس ملندو هو. جڏهن تہ سنڌ جي ڪـُـل آمدني اٽڪل چوٽيھه لک اٺٽيھه هزار (34،38،00) ساليانو هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو