ڪِرو ڪرين (راند): هن راند ۾ ٻہ ٽولا، ڏهن کان پندرهن رانديگرن تي مشتمل هوندا آهن. راند ۾ ٻہ ليڪا، جن ۾ ڇھن فوٽن جي وٿي هوندي آهي. جتي ٻئي ٽولا ليڪن تي آمهون سامهون ٿي بيھندا آهن. ريفري ڪرو يا ڪرين جو اچار چوندو تہ ڪرين وارا ڀڄندا ۽ ڪرو وارا انهن کي پڪڙيندا. پٺيان تقريبن چاليھن يا پنجاھہ فوٽن تي ليڪا يعني دنگ نڪتل هوندا. جيڪڏهن ڪرين جا رانديگر سڀ انهيءَ ليڪي يعني دنگ تي پھتا ۽ ڪو بہ نہ پڪڙيو تہ انهن کٽيو. اهڙيءَ طرح هي راند ڪيترا ڀيرا ڪري سگهجي ٿي.