ڪٺ پتلين جو ناچ

ڪٺ پتلين جو ناچ

ڪٺ پتلين جو ناچ

ڪٺ پتلين جو ناچ: سنڌ ۾ ڪٺ پتلين جو ناچ وڏي شوق سان ڏٺو ويندو هو پر وندر جي جديد طريقن جي ڪري، هي فن گهڻو گهٽجي ويو آهي. پتليون ڪاٺ مان ٺھنديون هيون. ان ڪري هنن کي ڪاٺ پتلي يا ڪٺ پتلي سڏيو ويندو هو. جن کي هٿ ۾ جهليل ڏور جي مدد سان نچايو ويندو هو. هن تماشي کي ساز سنگيت سان گڏ پيش ڪيو ويندو هو. پتلي تماشو گهڻو ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾ ٿيندو هو. جتي مذهبي ۽ تاريخي قصن جون ڪھاڻيون پيش ڪيون وينديون هيون. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ڪڇي لوڪ تھذيبي روايتون‘ ۾ ڄاڻايو آهي تہ ’واتسيايَن‘ (ڪاماسوترا جي تخليقڪار) مطابق 64 ڪلائن مان هڪڙي ڪلا ڪٺ پتليون ٺاهڻ بہ آهي.
ادبي ناٽڪن ۾ اسان کي ’سُوتر ڌار‘ لفظ ملي ٿو، جنھن جي معنيٰ آهي، تارن کي ڇڪڻ وارو. ممڪن آهي تہ اهو لفظ پتلين کي ڌاڳي سان نچائڻ واري ۽ ڪٺ پتلين جي ڏورين کي جهلڻ واري ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿيندو هجي. اڳي سنڌ ۾ راجسٿاني ڪلاڪار اچي ڪٺ پُتلي تماشو ڏيکاريندا هئا. اهي تماشي ۾ گهڻو ڪري مغل دور جي راجپوت جوڌن جي جيون جون جهلڪيون پيش ڪري، ماڻهن جي دل وندرائيندا هئا. ڀٽ ۽ نٽور قبيلو ڪٺ پتلين جي ناچ جي حوالي سان مشھور رهيا آهن.
پتلي ڪلا، سنڌ ۽ هند جو گڏيل ثقافتي ورثو آهي. سنڌ ۾ قديم ماڳن جي کوٽائين ۾ مٽيءَ مان ٺھيل ڪيتريون ئي پُتليون مليون آهن. شروع ۾ انسان مٽيءَ مان ئي رانديڪا ۽ ٿانوَ ٺاهيندو هو، جيڪو سندس وندر سان گڏ گذر معاش جو ذريعو پڻ هو. ان ڪري مٽيءَ جي پتلين کان پوءِ ڪپڙي جون پتليون ٺھڻ لڳيون. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ هند جي شھرن ۾ ڪٺ پتلين جي تماشن جو ڪجهہ سالن تائين رواج رهيو، پر هاڻ اهو نظر نٿو اچي. پتلي تماشو ڏيکارڻ وارا مختلف بادشاهن جي وچ ۾ ٿيل جنگن جا واقعا پڻ پيش ڪندا هئا. پتلي تماشي جي مکيہ ڪردارن کي ’پانٽيکان‘ بہ چيو ويندو هو. پر اڄڪلھہ ڪٺ پتلين جي ناچ جو رواج ناهي رهيو. البته ساڳي نموني جي پتيلن ۾ جدت آڻي بجلي تي هلڻ جوڳو بڻايو ويو آهي، جيڪي مختلف ميلن، تفريح گاهن ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ ڏيکاريا ويندا آهن، پر پنجاب ۾ پتلي تماشي جو فن اڄ بہ قائم آهي.


لفظ ڪٺ پتلين جو ناچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو