ڪٻھه

ڪٻھه: هي دائمي گاھہ آهي، جيڪو سڄو سال فصلن ۾ رهندو آهي. هن جون پاڙون تاندوري نما، پن سنها ۽ ڊگها، گل ڇٽيدار ۽ رنگ جا خاڪي ٿين ٿا، ٻج ننڍو، گول ۽ خاڪي ٿئي. هن گاھہ جو تعلق موٺ واري خاندان سان آهي. هن گاھہ جا ٻہ قسم آهن، جن ۾ هڪ هئيڊو ۽ ٻيو ڄمون رنگ جو ٿئي. هي گاھہ ٻج مان گهٽ ۽ ڳنڍين ذريعي وڌيڪ واڌ ڪري ٿو. اونهاري ۾ تيزيءَ سان واڌ ڪندو آهي. سياري ۾ هن جون ڳنڍيون زمين ۾ بنا واڌ جي پيل رهن ٿيون، جيڪي گرمين ۾ وڌڻ شروع ڪن ٿيون. هن کي چوپايو مال کائيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو