ڪٽپر

ڪٽپر (ذات): ڪٽپر سنڌ جي اوائلي ذاتين مان هڪ آهي، جن جو تعلق، اُڻڻ ۽ ڪتڻ جي پيشي سان آهي. ڪٽپر ۽ ڪٽپار هڪ ئي ذات جا نالا آهن. ڪپڙي جي صنعت سان وابستہ هئڻ ڪري ڪٽپر ذات وارن کي ڪوري جو هڪ پاڙو سمجهيو ويندو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکيو آهي تہ: ”ڪڇي، ناڙي ۽ سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ڪٽپار يا ڪٽپر ذات جا ماڻهو رهن ٿا. قديم زماني ۾ انهن جو تعلق بہ ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت سان رهيو آهي.“ لس ٻيلي ۾ انهيءَ ڌنڌي واري کي ’ڪتيار‘ ڪوٺيو ويندو آهي. ڪٽبار، ڪٽپر، ڪتيار ۽ ڪاتيار لفظن جو بڻ بنياد لفظ ’ڪتڻ‘ آهي. انهن لفظن ۾ آر. (ري) پڇاڙي ۾ اچي ٿي، جيڪا دراصل ڪم ڪار جو مخفف آهي.
مطلب تہ ڪٽپر ذات ڪتڻ مان ئي نڪتي آهي. يعني اُهي پيشي وارا ماڻهو، جيڪي چرغي وسيلي ڪپھه مان ڌاڳو تيار ڪري ڪورين کي ڏيندا هئا، جيڪي آڏاڻن تي ان مان ڪپڙو تيار ڪندا هئا.


لفظ ڪٽپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو