ڪٿڪ ناچ

ڪٿڪ ناچ

ڪٿڪ ناچ

ڪٿڪ ناچ: ڪٿڪ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڪٿا يا ڪھاڻي. اها ڪھاڻي جيڪا ’رس نرتيه‘ يعني ناچ ڪندي، ناچ وسيلي ٻڌائي وڃي، تنھن کي ڪٿڪ ناچ چئبو آهي. ڪٿڪ ناچ ۾ داستان گو ڪٿا ڪرڻ وقت رامائڻ ۽ مھاڀارت جي واقعات کي ترنم سان ٻڌائيندو آھي ۽ انهي سان گڏ پنھنجي جسم جي مختلف عضون کي اھڙي طرح چوريندو يا موڙيندو آھي، جو داستان گوئيءَ جي اصل حقيقت جي بلڪل ويجهو اچي ويندو آھي. جسم جون اهي حرڪتون شروع ۾ بلڪل سوليون ھيون، پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن کي ترقي ڏيئي ھڪ اھڙي زبان ڏني وئي، جنھن تي رقص جي فني عمارت تعمير ٿي. جنھن جو بنياد ڪٿا تي آهي. ڪٿڪ جا بہ ٻہ اھم حصا آھن: ھڪ ’نرتا‘ جنھن ۾ نج رقص جي فني صورت ھجي ۽ ٻيو ’ھنيا‘ جنھن ۾ چھري جي لاھن چاڙھن ۽ (Theme) جي اظھار لاءِ حرڪتون ٿين. انهيءَ کان سواءِ ’ڀاو‘ بہ ٿين، جيڪي حالتن کي ظاھر ڪرڻ لاءِ فني صورتون آھن ۽ اُهي شعري جذبات کي اجاگر ڪن ٿيون. ناتيا ۾ ٻہ اخلاقي قدر ٿين ٿا، ھڪ ’ناتيا ڌرما‘ يا مذھبي پھلو ۽ ٻيو ’لوڪ ڌرما‘، جنھن ۾ دنيوي لاڳاپن ۽ جذبن جو اظھار ٿئي. ناتيا ڌرما ۾ اشارا ايترا واضح ڪونه ٿين. لوڪ ڌرما ۾ واقعي کي حقيقي نموني واري لھجي ۾ پيش ڪيو ويندو هو/آهي. ڪي ناچ مندرن ۽ عبادتگاهن لاءِ مخصوص ٿي ويا تہ ڪي وري رومانوي جزن جي ڀرپور تاثر ھئڻ جي ڪري، عوامي رنگ اختيار ڪندا ويا. مندرن وارا رقص گهڻو ڪري ٻاھرين اثرن کان بچيا رھيا پر ٻيا لوڪ ڌرما عوامي عنصر ھئڻ ڪري نوان رنگ ۽ اثر پاڻ ۾ شامل ڪندا رھيا. ڀڳت ڪٿڪ جي اھا مڪاني صورت آھي، جيڪا ھڪ طرف نرتا بہ رکي ٿي تہ ٻئي طرف ھنيا جو ڀرپور اثر بہ رکي ٿي، تہ ٽئين پاسي ناتيا ڌرم بہ آھي. پر انهن سڀني جزن تي لوڪ ڌرما جو تمام گهڻو اثر آهي. لوڪ جي ڳوڙھي اثر ھئڻ ڪري ھڪ تہ ڀڳت جو فن عوام جي قريب رھيو تہ ٻئي طرف عام ماڻهن جي لاءِ سرمايو فراھم ڪرڻ ڪري عام مقبوليت جو ڪارڻ بڻيو.
ڪٿڪ رقاص گهنگهرو پائيندا آهن. مذهبي ڪٿڪ ناچ ۾ منيپوري ڪٿڪ ناچ جو روپ اڪثر ڪري ڪرشن ڀڳتي جا روپ ڏيکاري ٿو. منيپوري ڪٿڪ ناچ ڪندڙ مخصوص لباس پائيندا آهن. ڪٿڪ ناچ جو ’ڪٿلي‘ نمونو ڪلاسيڪل ناچ، شاندار سينگار/ٺاھہ ۽ رنگين پوشاڪ جي حوالي سان مشھور آهي. ڪٿڪ ناچ ننڍي کنڊ جي 8 (اٺ) قسم جي ڪلاسيڪل ناچن مان هڪ آهي، هڪ راءِ مطابق هن ناچ جي شروعات چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿي، قديم مندرن مان ملندڙ مجسمن تي هن ناچ جا نقش اڪريل آهن. مغل دؤر ۾ ڪٿڪ ناچ مندرن مان نڪري راجائي دربار م پھتو.


لفظ ڪٿڪ ناچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو