ڪچھري

ڪچھري

ڪچھري

ڪچھري: ’ڪچھري‘ معنيٰ اها محفل جنھن ۾ مختلف ڳالهيون هلن، جنھن سان ڄاڻ، علم ۽ عقل وڌي، جتي فھم ۽ فضيلت سان ويھجي، جتي سمجهہ ۽ عقل سان ڳالهائجي. سنڌيءَ ۾ ’ڪچھري‘ عام ۽ عوامي لفظ آهي، جيڪو شھرن کان وڌيڪ ٻھراڙيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو. آڳاٽين زمانن کان سنڌ جي ڳوٺن جا ماڻهو گهڻو ڪري شام جي وقت واندا ٿي گهر جي ڀر ۾ يا اوطاقتن تي اچي گڏ ٿيندا هئا/آهن. اُتي هر ڪو پنھنجي ڪارگذاريءَ جو حال احوال ڏيندو. خوشيءَ ۽ غميءَ جون ڳالهيون ٿينديون. ڳوٺ ۽ ملڪ جا احوال ٿيندا. آڳاٽا قصا، ڪھاڻيون وغيرہ ٻڌايون وينديون هيون/آهن. هر ڪو پنھنجي اندر جو اظھار ڪندو آهي. انهيءَ محفل کي ڪچهري سڏيو ويندو آهي. بيت بازي بہ ٿيندي آهي. شاعرن کي بہ ٻڌو ۽ دل کولي داد ڏنو ويندو آهي. ڳائڻا ۽ راڳي بہ پنھنجي پنھنجي فن مظاهرو ڪندا آهن. عالمن سان علمي گفتگو ٿيندي آهي. ماڻهن جي سڱابندين، ڏيتي ليتي، جهيڙن جهٽن، وڻج واپار ۽ ڪاروهنوار جا بہ فيصلا ڪچھرين ۾ ٿيندا آهن. ڪچھري سنڌي ثقافت جو اهم جزو آهي. اڻيھين صديءَ کان وٺي انگريزن جي دور ۾، لفظ ’ڪچھري‘ ڪورٽ جي معنيٰ ۾ بہ استعمال ٿيندي رهي. ڪامورا جڏهن ماڻهن جا مسئلا ٻڌائيندا ۽ حل ڪندا هئا/آهن تہ ان کي بہ ڪچھري چئبو آهي. ڪامورن پاران زرعي زمين کي عارضي يا مستقل طور ماڻهن کي ڏيڻ واري ڪارگذاريءَ کي بہ ڪچهري چيو ويندو آهي.
ڪچھري‘ سان لاڳو اصطلاحن جون معنائون هن طرح ڏنيون ويون آهن. ڪچھري برخاست ڪرڻ = ڪورٽ پوري ڪرڻ، ڪچھري چڙهڻ = ڪورٽ ۾ آڻڻ، ڪچھري ڪرڻ، ڪورٽ هلائڻ = ڪيس ٻڌڻ، سرڪاري ڪم اڪلائڻ ۽ ڪچھري لڳائڻ = ماڻهن جو ميڙ گڏ ڪرڻ، ڀري ڪچھري ۾= کلي ڪورٽ ۾.
مٿيون معنائون ڪورٽ ۽ فيصلن سان لاڳو آهن ۽ اهي سنڌيءَ ۾ اصل ڪچھريءَ جي معنائن کان مختلف آهن. سنڌ ۾ ڪچھري عام فھم عوامي لفظ رهيو آهي. هندستان ۾ ’ڪچھري‘ انگريزن جي دور جو خاص انتظامي لفظ آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’فتح جي ڪچھري‘ ڪيترو عرصو هلندي رهي، جيڪا سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هئي.


لفظ ڪچھريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو