
ڪڇ (Kutch) (پرڳڻو)

ڪڇ (Kutch) (پرڳڻو)
ڪڇ (Kutch) (پرڳڻو): ڪڇ هڪ علائقو پھرين، رياست ۽ هاڻي هڪ ضلعي جي حيثيت سان هندستان ۾ موجود آهي. 21 لک جي لڳ ڀڳ آباديءَ واري هن ضلعي ۾ 10 تعلقا آهن.ڪڇ جي حدن بابت ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ لکي ٿو: ”ڪڇ جي ڏکڻ ۾ ڪڇ جي نار، اولھه ۾ عربي سمنڊ ۽ اُتر- اوڀر طرف ڪڇ جو رڻ آهي. ڪڇ گجرات جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آهي. هن جي جملي ايراضي سورهن هزار ڇھه سؤ اٺ (16608) چؤرس ميل يعني 45612 چؤرس ڪلوميٽر آهي. ڪڇ جي ڊيگهہ 160 ميل يعني 264 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 25 کان 70 ميل يعني 112 ڪلوميٽر آهي، جنھن ۾ 26139 چؤرس ڪلوميٽر بيابان رڻ آهي. ڪڇ جو سامونڊي ڪنارو لکپت کان مانڊوي، عربي سمنڊ ۽ مانڊوي کان شڪارپور تائين ڪڇ جي نار 352 ڪلوميٽر آهي. ڪڇ جي اوڀر ۾ ڪڇ جو ننڍو رڻ آهي، جنھن جي ٻئي طرف اُتر گجرات جو علائقو شروع ٿئي ٿو. اُتر جي وشال رڻ کان پوءِ پاڙيسري ملڪ سنڌ جو ڪجهہ حصو شروع ٿئي ٿو.“ ورهاڱي کان اڳ ڪڇ تي راءُ گهراڻو حڪومت ڪندو هو. ڪڇ جو اصل نالو اڀيرديس/ اهير ديس يا اسر ديس بہ ٻڌايو وڃي ٿو. ڀيرو مل ڪڇ جي معنيٰ ڪنارو لکي آهي.
آڳاٽي زماني ۾ راجپوتانا، ڪڇ ۽ ٿر سمنڊ ۾ هئا. جتي هينئر خشڪي آهي، اتي ڪنھن وقت سمنڊ جو پاڻي ڇوليون هڻندو هو. بعد ۾ زمين جي زلزلي سبب زمين مٿي چڙهي آئي، سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ خشڪي جا ڀاڱا ظاهر ٿي بيٺا. پوءِ بہ ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي ۽ اهو سمنڊ وارو ڀاڱو هو. ان وقت هاڪڙو ندي پنجاب وٽان نڪري، عمرڪوٽ جي اڀرندي پاسي کان لنگهي، ننگرپارڪر وٽان وهي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ عيسوي سن کان اٽڪل سوا ٽي سئو ورهيہ اڳ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو ٿي، تڏهن اتي پاڻيءَ جون ڇوليون پئي لڳيون. ڪي صديون پوءِ بہ اتي پاڻي بيٺل هو. ڪڇ جي رڻ جي اڀرندي کان الھندي ڏانھن 80 ڪوهن ۽ اتر کان ڏکڻ کان 38 ڪوهن ۾ سڃ ئي سڃ آهي. جيمس ٽاڊ جي ڪتاب تاريخ راجستان (ڀاڱو پھريون) ۾ ڄاڻايل آهي تہ رڻ جي ڊيگهہ 150 ميل ۽ ويڪر ڀڄ کان ٻلهياري تعلقي ڏيپلي تائين 80 ميل آهي.“ مرزا قليچ بيگ رڻ جي سموري ايراضي 7 هزار چورس ميل ڄاڻائي آهي.
ستين صديءَ عيسوي ۾ سنڌ جو چوٿون صوبو ڪڇ ڄاڻايو ويو آهي. جيڪو پوءِ الڳ هوندي بہ اڪبر جي دور تائين سنڌ سان ڳنڍيل رهيو. مشھور چيني سياح شين سئنگ جو بيان آهي تہ اهو علائقو سنڌ جي راڄڌانيءَ کان 1600 لي/267 ميل ڏکڻ اوڀر پاسي ۾ آهي. تنھن زماني ۾ سنڌ جي راڄڌاني الور هئي. هڪ چيني ياتري پنھنجي سفر جو رستو هن ريت ٻڌائي ٿو ”الور کان ڏکڻ براهمانا 700 لي پوءِ پٽاسيان 300 لي جيڪو برهمانا کان ڏکڻ اولھه پاسي آهي. بعد ۾ ڪڇ 700 لي جيڪو ڏکڻ ڏس تي واقع آهي. ڪل فاصلو 1650 لي ٿئي ٿو. جيڪڏهن عام طرف ٻَڌبو تہ ڏکڻ اولھه بدران ڏکڻ وڃي بيھندو. جيڪو ڪڇ جي جاگرافيائي بيھڪ سان ٺھڪي اچي ٿو.
ڪڇ جو رڻ سرسوتي نديءَ جي بند ٿيڻ کان پوءِ ڦھليو. هاڪڙو درياءَ بند ٿيو تہ انهيءَ رڻ ۾ وڌيڪ وسعت آئي. انهيءَ ڪري اِهو رڻ ڪڇ جي اُتر کان ۽ سنڌ جي ڏکڻ کان اولھه طرف ڪوري نديءَ جي وهڪري (سري) وارو ڪنارو ڏيئي اولھه ڏانھن ڦھلجڻ لڳو. جنھن جي شروعات پھرين صديءَ عيسويءَ ۾ ٿي. رڻ آهستي آهستي وڌندو، سومرن جي ڏينھن ۾ اچي وڳھه ڪوٽ کي ويجهو رسيو.
ڪڇ ۾ ٽي وڏيون جابلو قطارون آهن، جيڪي اُترين، وچين ۽ ڏاکڻين قطار جي نالن سان مشھور آهن. انھن ۾ لاڪڙا جو ’ڪالا پربت‘ (ڪارونجهر جبل) تمام وڏو آهي، جنھن کي اولھه وارو جبل چيو ويندو آهي. ان جي اوچائي 1525 فوٽ آهي. ٽڪرين مان ڪيئي برساتي نديون وهي نڪرن ٿيون، جيڪي وڃي ڪڇ جي رڻ ۽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. ڪڇ ۾ سدائين وهندڙ ڪا بہ ندي نہ آهي، جيڪا ڪڇ کي سڄو سال سيراب ڪري. ڪڇ ۾ مِينھن تمام گهٽ وسندو آهي. آبھوا خشڪ آهي. وارياسي زمين ۽ چئن پاسن کان سمنڊ هجڻ ڪري هتي گرمي ۽ سردي وچولي درجي جي آهي. ڪڇ جي آبھوا وچٿري هجڻ ڪري صحتمند ليکي وڃي ٿي. پٿر واري دور جي اهڃاڻن کان سواءِ ڪڇ جي مختلف هنڌن تي ٿيل کوٽائين مان جيڪي قديم رهتون مليون آهن، تن جي آڌار تي پوري ڪڇ تي سنڌو ماٿر جي تھذيب جو اثر واضح آهي. ڪڇ جي مختلف هنڌن تان مليل مٽيءَ جا ٿانوَ ۽ اوزار 1500 کان 2500ع تائين ۽ ان کان بہ اڳ جا تسليم ڪيا ويا آهن. گونتڙي (گُنتلي) جي ٽڪريءَ تان مليل مٽيءَ جي پيالن کي ڏسي لڳي ٿو تہ موهن جو دڙو، چانھونءَ جو دڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي وغيرہ جهڙن سنڌو ماٿر جي شھرن سان هتان جو سڌو سنئون تعلق رهيو آهي. ڪڇ پنھنجي جاگرافيائي خاصيتن جي ڪري مضبوط تاريخي روايت رکي ٿو. پاڻيءَ سان گهيريل ڪڇ ابتدا کان ئي هڪ اهم بندرگاھہ رهيو آهي. ڪڇ فقط تجارتي حوالي سان ئي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ناهي رهيو، پر مختلف وقتن تي مختلف قومن جي حملن جو بہ شڪار ٿيندو رهيو آهي.
واپار، ڌنڌي ۽ حملن جي دوران ڪڇ جو تاريخي پسمنظر مختلف رهيو آهي. سنڌ ۽ گجرات سان ڳنڍيل ڪڇ، انهن ٻنهي صوبن ۾ ايندڙ ثقافتي ۽ تاريخي موڙن سان گڏ مڙندو رهيو آهي. ڪيتريون ئي قومون ڪڇ ۾ آيون، جيڪي ڪڇ جي سماجي ۽ تاريخي حالتن کي متاثر ڪنديون، انهن تي نوان رنگ چاڙهينديون ويون. يادَو، موريا، يَوَن، شڪ، ڪشيترَپ، ايراني، سما، هَيھئي، هُوڻ، ميترڪ، گُجر ۽ چالوڪيا وغيرہ قومون ڪڇ تي واري واري سان حڪمراني ڪنديون رهيون.
ڪڇ سنڌ (لاڙ) جي ڏکڻ- اوڀر ۾ هئڻ ڪري انهيءَ ڏکڻ-اوڀر طرف کي لاڙ جا ماڻهو ’ڪاڇيل‘ چوندا آهن. عام گفتگو ۾ هيٺيان جملا استعمال ٿيندا رهندا آهن:
(1) هُو ڪاڇيل پيو وڃي.
(2) هُو ڪاڇيلان پيو اچي.
(3) ڪاڇي واءُ لڳو آهي.
(4) ڪاڇي مينھن پيو اچي.
سنڌو نديءَ جي وهڪرن جو بہ ڪڇ سان لاڳاپو آهي. ڪڇ ۽ کنڀات جا نار پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا. ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، رام سنگهہ راٺوڙ جي گجراتي ڪتاب ’ڪڇ نو سنسڪرتي درشن‘ (1990ع) جي حوالي سان لکي ٿو: ”عيسوي سن کان ٻہ هزار سال اڳ ڪڇ جو نار ۽ ڪڇ جو رڻ سخت زمين جي صورت ۾ هئا. سرسوتيءَ جو هيٺيون وهڪرو ڪڇ ۽ کنڀات جي رڻ مان ٿيندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ گجراتي ڪتابن ۾ سنڌو نديءَ جي هڪ وهڪري جو ڪڇ جي رڻ مان وهڻ جو بہ ذڪر آيو آهي.
ٻني: ڪڇ جي اُترئين پاسي ٻنيءَ نالي هڪ خاص ايراضي، وڏي چراگاھہ جي حيثيت رکي ٿي. اِهو چراگاھہ 40 ميل چورس ۾ پکڙيل آهي. جاگرافيءَ ۾ هن علائقي کي چراگاھہ وارا ميدان سڏيو ويو آهي. هن علائقي ۾ ڪيترائي قديم ڳوٺ آهن، جتي اڄ بہ ڪيتريون ئي سنڌي ذاتيون ۽ قبيلا، جن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪھڻي ۽ ثقافت سنڌ جي آهي. ڪڇ جو صدر مقام شروع کان ڀُڄ آهي. آمد رفت ۽ لاڳاپن جي ڪري ڀُڄ ۽ بدين جاڙا شھر سمجهيا ويندا هئا. ٻنهي شھرن ۽ قريبي ايراضين جا ثقافتي لاڳاپا رهيا آهن. ورهاڱي کان اڳ اچ وڃ گهڻي هئي. لاڙ ۽ ڪڇ وارن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون پڻ ٿينديون رهنديون هيون. شاھہ عبداللطيف رحه جي وفات کان پوءِ تمر فقير سالن جا سال ڪڇ ۾ رهيو. ڪڇ ۾ شاھہ جي رسالي جو ڀرپور شوق ذوق رهيو آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي لکيو آهي: ”جيستائين سنڌ ۽ ڪڇ جو تعلق آهي تہ ٻنهي صوبن جا جاگرافيائي، تاريخي، لساني، واپاري، تمدني، رياستي ۽ ثقافتي تعلقات سالون پراڻا آهن. ڪڇ ۾ رهڻ واريون قومون ۽ قبيلا، چاهي هندو هجن يا مسلمان، انهن جي اڪثريت سنڌ کان اچي ڪڇ ۾ آباد ٿي آهي.“
ڪڇ جي مکيہ ذاتين ۾ جاڙيجا، راجپوت، پاٽيدار، ڀاٽيا، لوهاڻا، هريجن، ناگر، جين، مھيشوري، برهمڻ، ڪاسٿ، ڀانوشالي، ڪڇي، گجر، ڪشيتريه، ريٻاري، اهير، سوڍا، خوجا، دائود وِهورا، ڪڇي ميمڻ، شيدي، جت، سما، سومرا، هاليپوٽا، متوا، ڪانسڀگواڙي، کاکي ٻاوا، گورک ٻاوا، بھروپيا، وادي، پارسي، ڀوَييا، ڪولهي، موچي، ڪنسارا ۽ هيجڙا وغيرہ شامل آهن.