ڪڏيرو نار

ڪڏيرو نار (Kadero Creek) (ماڳ): ڪراچي ضلعي جو هي ماڳ ويرائون نار، ڳوٺ ريڙهي مياڻ، ڳوٺ حاجي ايوب ۽ ڳوٺ چشما جي آسپاس موجود آهي. مشھور تاريخي ماڳ ’رتي ڪوٽ‘ جا آثار هتان کان 5 ڪلوميٽر، لانڍي ريلوي اسٽيشن 7 ڪلوميٽر، اسٽيڊيم هتان کان 7 ڪلوميٽر اتر اولھه ڪنڊ تي، ملير سٽي ريلوي اسٽيشن هتان کان 10 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. هن کار ۾ ڪورنگي کاري چشما ڳوٺ وٽ ڇوڙ ڪندي آهي. ڪورنگي نار اڳتي هلي جهري کاريءَ سان ملندي آهي. سيئي نالي بندرگاھہ هن کاريءَ تي آهي. کاناڻو نار هتان کان 4 ڪلوميٽر اوڀر ۾، ڪورنگي نار هن کان 4 ڪلوميٽر اولھه ۾، چر نار 4 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي، ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون 4 ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ڪنڊ تي ۽ لٽ نالو هتان کان 5 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو