ڪڙوا چوٿ

ڪڙوا چوٿ: هي هندو ڌرم ۾ زال ۽ مڙس جي رشتي جي عظمت جو ڏڻ آهي، جيڪو اسُو مھيني جي اونداهي چوٿ تٿ ڏياريءَ کان ڏھہ ڏينھن اڳ ايندو آهي. هن ڏينھن تي پرڻيل ناريون پنھنجن مڙسن جي ڊگهي ڄمار لاءِ ورت رکنديون آهن. ڪڙوا چوٿ جي ورت ۽ ان سان لاڳاپيل رسمن بابت اهو خيال ڏيکاريو وڃي ٿو ته، اهي مھاڀارت واري دور کان بہ اڳ رائج هيون. هڪ روايت موجب جڏهن ارجڻ پانڊو، نيلگرس هليو ويو هو تہ سندس غير موجودگيءَ ۾ راڻي دروپدي بيحال ٿي شري ڪرشن کان مدد طلب ڪئي هئي، جنھن کيس ڪڙوا چوٿ جو ورت رکڻ جي هدايت ڪئي هئي. ڪڙوا چوٿ جي ورت متعلق شو ڀڳوان پاران پاروتيءَ کي شھزادي وير وتيءَ وارو بيان ڪيل قصو پڻ مشھور آهي.


لفظ ڪڙوا چوٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو