ڪڙيو شيخ: هن بزرگ جو تعلق بلوچستان جي ضلعي لس ٻيلي سان هو. هي پير عبدالقادر جيلاني جو مُريد ۽ خليفو هو. لس ٻيلي ۾ ’ڪڙيو گهوڙي چڙهيو‘ واري چوڻي اڃا تائين مشھور آهي. سندس اولاد ’ڪڙياڻي شيخ‘ سڏجي ٿو. ڪڙياڻي شيخن جا ڪجهہ خاندان، جيڪي لاسي پڻ سڏجن، اهي لس ٻيلي مان لڏي، ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپور ساڪري ۾ اچي رهيا، جن مان شيخ ٽالو ۽ عيسو سوائي مشھور بزرگ ٿي گذريا آهن.