ڪڙيو گهنور

ڪڙيو گهنور: سنڌ جي ضلعي بدين، تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي) ۾ هڪ عدد ننڍو شھر ۽ يونين ڪائونسل آهي. يونين ڪائونسل جي آبادي 2011ع جي اندازي مطابق 61302 آهي. هن شھر ۾ پير روضي ڌڻي جي خليفي محمود فقير نظاماڻي جي درگاه موجود آهي. شھر جو نالو بہ خليفي محمود جي والد رئيس گهنور خان نظاماڻي (1846ع-1766ع) جي نالي تي رکيل آهي. هتي ڪيترائي تيل جا کوھہ، شھر جي چؤڌاري موجود آهن. جن مان بيشمار تيل ڪڍيو وڃي ٿو. هتي چانور ۽ گيھه جو بہ وڏو واپار ٿئي ٿو. هتي جون فراسيون بہ مشھور آهن. ان کان سواءِ ڪپھه، سورج مکي ۽ ڪمند بہ هتي جي بھترين فصلن ۾ شمار ٿين ٿا.


لفظ ڪڙيو گهنورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو