ڪڙڪون (ڳھه): ڪَن جي ڳھن مان ڪڙڪون سڀني ڳھن کان وڌيڪ وزندار ۽ ڊگهيون آهن، جن تي سون جي تار تي لڳل ٻہ گول ڦلڙيون ريھيل هونديون آهن. ڪڙڪون سون جي ڳھن ۾ شامل آهن، جيڪي پاپڙين ۾ پائبيون آهن. شادي شدہ عورتن جو ڳھه آهي، جيڪو سھاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ور جي وفات تي عورت ڪڙڪون ڪنن مان لاهي ڇڏيندي آهي. سماٽ قبيلن جي رواج موجب گهڻو ڪري، ڌيءَ کي سندس مائٽ شادي ۾ ڪڙڪون ڏيندا آهن.