ڪڪرالو 1 (پرڳڻو): سنڌ جي ڏاکڻين ساحلي پٽيءَ تي قائم هڪ آڳاٽي دؤر جي رياست جو نالو. لاڙ واري علائقي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي موجود علائقي کي ’ڪڪرالو‘ چيو ويندو هو/آهي. جنھن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ ’ڪڪرالو‘، ’ڪڪراله‘، ’ڪڪراڙو‘ يا ’ڪَنڊ ڪڪراڙو‘ وغيرہ لکيو ويو آهي. هيءُ علائقو قديم آزاد رياست طور مڃيو ويندو هو. هتي سنڌ جي ’ڪيهر‘ قبيلي جي حڪمراني رهي، جيڪا سنڌ جي ’سمن‘ جي دؤر کان هلندي اچي ڪلهوڙن جي دؤر تائين ختم ٿي. هن علائقي تي نالي پوڻ جو سبب ڪجهہ هن طرح سامهون آيو آهي تہ: سمنڊ ويجهو هئڻ جي ڪري هن علائقي مٿان هميشہ ڪڪر ڇانيل رهندا هئا. ان ڪري هن علائقي کي ’ڪڪرن وارو‘ يا ’ڪڪراڙو‘ ۽ پوءِ ’ڪڪرالو‘ ڪوٺيو ويو. ڪڪرالي جي حدن ۾: ’ڪيٽي بندر‘، ’کارو ڇاڻ‘، ’شاهبندر‘، ’جاتي‘ تعلقن وارا علائقا ۽ بدين جو اولھه ڏکڻ وارو اولاهيون ڀاڱو اچي ٿو.آڳاٽي دؤر ۾ ڪيھر جي رياست جي حد وسيع هوندي هئي، جيڪا ڪڇ ڀُڄ تائين بہ لڳندي هئي.