ڪڪر لڪ

ڪڪر لڪ: هي لڪ کير ٿر جبل جو حصو آهي، جنھن کي مقامي ماڻهو ’ڪڪر لَڪُ‘ چون ٿا. هن لڪ کي پري کان ڏسبو تہ اهو ڪڪر جهڙو نظر ايندو، جيڪو پنج هزار فوٽن جي بلنديءَ تي 80 فوٽ ويڪرو آهي. هن لڪ ذريعي بلوچستان ۽ سنڌ جون حدون گڏجن ٿيون. ڪڪر لڪ جي اوڀر ۾ غيبي ديرو ۽ قمبر شھر واقع آهن. اولھه طرف بلوچستان جو شھر ڪرخ آهي، جيڪو چڱي مفاصلي تي آهي. ڪرخ کان غيبي ديري پيادل ماڻهو، ڏيڍ ڏينھن ۾ پھچي ٿو. هن لڪ جي هيٺان ’بازو ڍوري‘ گذري ٿي.


لفظ ڪڪر لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو