ڪڪل ڪڪل کير وٽي

ڪڪل ڪڪل کير وٽي (راند): هن راند کي ’گوڪل گوڪل کير وٽي‘ بہ چون. هن راند شروع ٿيڻ کان اڳ جوڙ جهڙو نشان (+) پيرن سان پَٽ تي ڪڍبو آهي، جنھن جي وچ تي بيھي چوندا ويھه يا پنجاھہ وکن تائين وڃجو. پوءِ هر هڪ ٽوليءَ جا رانديگر نشان جي ٻن ڇيڙن وٽ وڃي بيھندا ۽ هڪ ڌوڙي چوندو: ’گوڪل گوڪل کير وٽي‘ تہ ان ڇيڙي جي سڌائيءَ ۾ سامهون سامهون هليا ويندا، پر پنجاھہ وکن يا ويھن وکن کان پري نہ ويندا. هڪڙا ويندا هڪڙي طرف تہ ٻيا ويندا ٻئي طرف، سامهون اتي وڃي تڪڙ تڪڙ ۾ مٽيءَ جون ڍڳيون ٺاهيندا، جيڪي ڪنڊن جي پاڙن، کڏن، کوٻن ۾ لِڪل هونديون، اٽڪل پندرهن منٽن کان پوءِ وري آواز ايندو ’گوڪل گوڪل کير وَٽي‘ تہ سڀڪا ڌر پنھنجي طرف کان موٽندي، ڌوڙي چوندا: ’ڌؤنرو ڪين دکي؟‘ انهيءَ وراڻي مان سُڌ پوندي تہ برابر جنھن طرف ويا آهن، اتان ئي پيا اچن. جڏهن سڀ وچ تي گڏ ٿيندا تہ وري ٻيو ڌوڙي چوندو: ’گوڪل گوڪل کير وٽي‘ تہ ٻئي ڌريون ابتڙ طرفن ڏي وينديون ۽ هنن جون ظاهري توڙي ڳجهيون ٺاهيل ڍڳڙيون جهٽ جهٽ ۾ ڊاهي وٺبيون. وري پندرهن منٽن بعد اهو ڌوڙي چوندو: ’گوڪل گوڪل کير وٽي‘ اهو آواز ٻڌي ٻئي ڌريون چونديون اينديون: ’ڌؤنرو ڪين دکي؟‘ وري اچي وچ تي گڏ ٿيندا. پوءِ ٻئي ڌريون ڌوڙين کي ساڻ وٺي وڃي چڪاس ڪرائينديون، هرڪا ڌُر پنھنجون ڍڳڙيون، جيڪي ڊاهي نہ سگهيا هوندا، بچيل هونديون يا ڏکين جاين تي ٺاهيل هونديون، ڏيکاريندا. جن جون گهڻيون بچيل ڍڳڙيون هونديون تن کٽيو. جي وچ ۾ ڪو وڻ وغيرہ هوندو تہ ان تي ڀتر سان ليڪا ڪڍندا، جي ليڪا بہ راند ۾ ڳڻي ڪار ڪبا آهن. هي راند چانڊوڪيءَ رات ۾ ڪبي آهي ۽ پيري کڻڻ ۽ رات ۾ شيون ڳولڻ جي ڦڙتائي پيدا ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو