
ڪڪڙ
ڪڪڙ: سڄي دنيا ۾ گوشت لاءِ وڌ کان وڌ پاليو ويندڙ پکي، ’ڪڪڙ‘ آهي. هن کي اردو زبان ۾ ’مرغي‘ ۽ حياتياتي زبان Gallus gallus domestiws چئبو آهي. هن پکي جو تعلق پکين جي Aves طبقي (ڪلاس) ۽ Phasianidae خاندان سان آهي. انگريزي زبان ۾ مادي ڪڪڙ کي هين (Hen)، نَر ڪڪڙ کي روسٽر (Rooster) ۽ چوزي (ننڍڙي ٻچي) کي چڪ (Chick) سڏيندا آهن. ڪڪڙ جي نسل ۾ مختلف جنسون آهن، جيڪي جسامت توڙي رنگ ۾ هڪٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. انهن مان ننڍي ۾ ننڍي جنس Bantams آهي، جيڪا وڌ ۾ وڌ 850 گرام (وزن) جي ٿئي ٿي، جڏهن تہ وڏي ۾ وڏي جنس Ermellinata di Rovigo آهي، جنھن جو وزن لڳ ڀڳ 3.4 کان 3.9 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ گوشت جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ فارمي ڪڪڙ متعارف ڪرايا ويا، جن جا فارم قائم ڪيا ويا آهن. انهن فارمن ۾ بہ ڪڪڙن جا مختلف قسم آهن. هڪ اهڙو نسل آهي جيڪو 24 ڪلاڪن ۾ 3 آنا ڏيندو آهي پر انهن آنن مان صحتمند ٻچو پيدا نہ ٿو ٿئي. ان ڪري اهي آنا فقط کائڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. ٻيو نسل آنا تہ ڏئي ٿو پر آري تي ناهي ويھندو، آرو وري انڪيوبيٽر (Incubetor) مشين ذريعي ڪرائي ٻچا ڦوڙيا ويندا آهن. گڏيل ملڪن جي زراعت ۽ خوراڪ واري اداري UNFAO جي هڪ رپورٽ موجب دنيا ۾ ڪڪڙن جو تعداد 19 بلين (يعني ٽي ڪڪڙ في ماڻهو) آهي ۽ هي هر سال 1.4 بلين اضافي سان پالجندڙ فارمي پکي آهي.
ڪڪڙ، ڳاڙهي جهنگلي ڪڪڙ جي ذيلي جنس آهي، جنھن کي گوشت ۽ آنن لاءِ گهرن توڙي فارمن ۾ پاليو وڃي ٿو. يوناني دؤر (اندازن چوٿين کان پھرين قبل مسيح) ۾ هي پکي کاڌي بجاءِ ويڙهائڻ لاءِ پاليا ويندا هئا. معاشي لحاظ کان هن پکي کي منڍ کان ئي خاص اهميت حاصل رهي آهي. هڪ انداز موجب سنڌ ۾ ڪڪڙيون پاليندڙ جي سالياني آمدني هڪ ڪروڙ اٺ لک (گهٽ- وڌ) آهي. ڪڪڙ جو گوشت ۽ آنا غذائي اعتبار کان وڌيڪ طاقتور سمجهيا وڃن ٿا. منجهن وٽامن ۽ پروٽين جا سڀئي جزا ٿين ٿا.
سنڌ ۾ مقامي طور ڪڪڙن جا ڪيترا قسم جن ۾: اصيل، گوڙو/گوجو، ٽرڙا/ جهرڪٻرا، مصري، اڇي موڙ وارا ۽ صفا ننڍين ٽنگن وارا شامل آهن. اصيل ڪڪڙ خوبصورتي، وزن ۽ وڙهڻ جي حوالي سان سٺو سمجهيو وڃي ٿو ۽ مھانگو بہ وڌيڪ ٿئي ٿو. گوڙو ڪڪڙ وزن ۽ گوشت جي حوالي سان ڳرا هجن ٿا، پر خوبصورت ڪو نہ ٿين. جڏهن تہ مصري ڪڪڙ ۽ اڇي موڙ واريءَ ڪڪڙ آنن لاهڻ جي حوالي سان مشھور آهي پر اهي آرو عام طور گهٽ ڪنديون آهن. ان ڪري انهن جا آنا وري اصيل يا ٽرڙي ڪڪڙ هيٺيان رکي ڦوڙائبا آهن. اصيل ڪڪڙين جي عمر تقريبن 5/6 سال کن هجي ٿي، نر ڪڪڙ 3 سال کن ۾ ويڙهائڻ جي لائق بڻجي ٿو. مادي ڪڪڙ ڇھن مھينن ۾ آنا/ٻچا ڪرڻ لائق بڻجي ٿي. ڪڪڙ عام طور تي سال ۾ ٻہ ڀيرا 15 کان 25 آنا ڏيندي اهي ۽ روزانو هڪ آنو لاهيندي آهي. مادي ڪڪڙ آري تي 21 ڏينھن ويھندي آهي. آنا لاهڻ لاءِ جڳھہ جوا نتخاب ڪڪڙيون پنھنجي مرضي سان ڪنديون آهن پر ڪن صورتن ۾ کين شروع ۾ ئي مٽيءَ جي کڏين تي هيرائبو آهي تہ پوءِ آنا ۽ آرو بہ انهن کڏين ۾ ئي ڪنديون آهن. شھرن ۾ آنن مان ٻچا/چوزا حاصل ڪرڻ لاءِ انڪيوبينر (Incubetar) مشين جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اصيل ڪڪڙ جو نر وڙهائڻ لاءِ پاليو ويندو آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ شوقين ڪڪڙن جي ويڙھہ جا ميل لڳائي شرط تي ڪڪڙ وڙهائيندا آهن. جڏهن تہ قانوني طور پکين جي وڙهائڻ ۽ شرط رکڻ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي.