ڪڪڙاٽ ٽنڊوپکي

ڪڪڙاٽ ٽنڊوپکي

ڪڪڙاٽ ٽنڊوپکي

ڪڪڙاٽ/ٽنڊوBlack Crowned Night Nycticorax (پکي): 60 کان 65 سينٽي ميٽر 26 انچ قد بُت واري هن ٻگهہ ڪٽب جي پکيءَ جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ ڏاکڻي دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ٿئي ٿو. هن جي پُٺي گهري سرمئي نيري ۽ هيٺيون حصو اڇو ٿئي ٿو. ڪنڌ وٽ ٻن کنڀن جي سنهي چوٽي اٿس. اکيون ڳاڙهيون، چهنب مضبوط ۽ ڊگهي، قد ننڍو ٿئي. هي رات جي وقت ڌٻڻين ۽ ڇر تي شڪار ڪندو آهي ۽ ڏينھن جو آرام ڪندو آهي. هي مڇيون، ڏيڏر، جيت ۽ پکين جا چوزا بہ کائيندو آهي. هي گهرو چيخدار ڪڍندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو