ڪڻسارو: ٻنين مان ٿيندڙ اناج خاص طور ٻاجهر رکڻ جي لاءِ مٽيءَ جو هڪ ڍانچو تيار ڪيو ويندو آهي. ڪڻساري جي بنياد ۾ هوا جي گذر جي لاءِ آمهون سامهون سوراخ ڪري ڇڏبا آهن. انهن سوراخن مٿان اوٽو وجهي اُڀي قُبي نمان اڏاوت ڪئي ويندي آهي. ڪڻسارو هڪ ڪلنگي وارو ۽ ٻيو جهوپڙي وارو هوندو آهي. ڪلنگي واري ڪڻساري ۾ سؤ مَڻ اناج ايندو آهي. جڏهن تہ جهوپڙي وارو ڪڻسارو ننڍو هوندو آهي. ڪڻساري جي هڪ نموني کي ’گوندو‘ بہ چيو ويندو آهي. ڪڻساري کي ڍڪ ڏيڻ لاءِ مٿي گهڙو اونڌو رکيو ويندو آهي.