ڪڻڀي/ڪنبي (ڀرت): هي ڀرت اڇي، هيڊي، ڳاڙهي، گلابي، ناسي يا ٻئي ڪنھن هڪ رنگي ڪپڙي تي رنگ برنگي ڌاڳن سان ڀريو ويندو آهي. هن ڀرت ۾ ننڍن گول شيشن (ٽِڪن) جي ٽڪرن سان گڏ زنجير ۽ اطلس ڪاري سان گلن، پنن، جانورن ۽ پکين جون شڪليون پڻ ٺاهيون وينديون آهن. ڀارت جي ڪڇ واري علائقي جي گهڻن گهراڻن جون عورتون هن قسم جو ڀرت ڀرينديون ۽ پائينديون آهن. سنڌ ۾ ڪڇ سان لڳندڙ لاڙ واري پٽي ۽ ٿر جي ننگرپارڪر ۽ رحمڪي بازار واري پاسي پڻ هي ڀرت استعمال ٿئي ٿو.