
ڪھاڙي
ڪھاڙي (Axe) (اوزار، هٿيار): ڪھاڙي لوهه مان ٺھيل قديم اوزار/هٿيار آهي، جيڪو سنڌ جي قديم سماجي سڃاڻپ جو اهڃاڻ پڻ آهي. ’ڪھاڙي‘ کي سنسڪرت ۾ ’ڪُٺار‘ چئبو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي: ”ڪاٺين ڦوڙڻ لاءِ لوهه جو هڪ اوزار، هٿيار جو هڪ قسم.“ ڪھاڙيءَ جي مٿان پاهو هوندو آهي جنھن کي هڪ سوراخ هوندو آهي، ان ۾ ڪاٺ جو ڳن وڌو ويندو آهي. جڏهن ته ڪھاڙيءَ جو هيٺيون پاسو تيز يا تکو ٿئي، ان ڪري ڪپڻ، وڍڻ يا ٽُڪڻ جي ڪم ايندو آهي. ڪھاڙي ننڍي يا وڏي به ٿيندي آهي. ڪنھن ڪھاڙيءَ جو ڦر 5 انچ، ته ڪنھن جو اٺ انچن کان به وڌيڪ ٿئي ٿو. اهڙي نموني ڪھاڙيءَ جو ڳن ٻن کان 4 فوٽن جو ٿيندو آهي. ڪھاڙيءَ کي سراڻ تي چاڙهي تکو ڪيو ويندو آهي.
ڪھاڙي مالوند ماڻهن وٽ خاص هٿيار جي حيثيت رکي ٿي. جديد هٿيارن اچڻ کان اڳ ڪھاڙي هر عام ماڻهوءَ وٽ هوندي هئي، جيڪا پورهئي ۽ گهرو ڪرت کان سواءِ پنھنجي حفاظت لاءِ پڻ استعمال ٿيندي هئي. زمين جي آباديءَ لاءِ جهنگ وڍڻ، مال لاءِ ٽاري وغيره وڍڻ ۽ ڪاٺيون وڍڻ جو ڪم ڪھاڙيءَ ذريعي ئي ٿيندو آهي. ٻھراڙيءَ جي هر گهر ۾ ڪھاڙي موجود هوندي آهي. ڪي شوقين ماڻهو، خوبصورت ڪھاڙيون ٺھرائي، ڏيکاءَ طور کڻندا آهن. زراعت ۽ مال جي ڪرت سان لاڳاپيل ماڻهو ڪھاڙيءَ جو گهڻو استعمال ڪندا آهن. ڪھاڙي، روايتي هٿيار هجڻ سبب سنڌي زرعي ۽ ڳوٺاڻي ثقافت جو اهم اهڃاڻ مڃيو وڃي ٿو. سنڌ جي ڪجهه قبيلن ۾ نياڻين کي ڏاج ڏيڻ وقت ڪھاڙي پورهئي جي نشانيءَ طور ڏني ويندي هئي، پر هاڻ اهو رواج نڪري ويو آهي.