ڪھاڻي (ادب): هر دور ۾ ڪھاڻي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث رهي آهي، پوءِ اهو انساني ارتقا وارو دور هجي يا اڄوڪو سائنس ۽ ٽئڪنالاجيءَ جو دور. جيئن جيئن انسان سُڌريل دور ۾ داخل ٿيندو ويو، تيئن تيئن ڪھاڻيءَ ۾ تبديلي ايندي وئي ۽ اڄ اُسري جديد ٽيڪنڪ تائين پھتي آهي. ”ڪھاڻي ’ڪھڻ‘مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي زباني طرح چوڻ، ان کي ڳالهه به سڏبو آهي.
آڳاٽي دؤر ۾ ماڻهن جي وندر ورونھن لاءِ ڪھاڻيون ٻڌايون وينديون هيون. اوائلي دور ۾ ماڻهن وٽ گهڻي مصروفيت نه هئي، ان ڪري واندڪائيءَ مھل، وقت گذاري لاءِ هڪٻئي کي مختلف ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، پر پوءِ جڏهن ڪھاڻيءَ ۾ تبديليون آيون ته اها نج ادبي صنف بڻجي پئي. حقيقت ۾ ”زندگيءَ جي ڪنھن به هڪ پھلوءَ ۽ جذبي کي ڪھاڻي/افسانو چئجي ٿو.“ ڪھاڻيءَ جون بنيادي خوبيون پلاٽ، منظر نگاري، ڪردارنگاري ۽ ادائگي آهي. ڪھاڻيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جن ۾ داستان، قصا، ڪھاڻيون/آکاڻيون. ڪھاڻي لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري ڄاتيون وڃن ٿيون:
(1) ايتري مختصر هجي جو هڪ ويھڪ ۾ پڙهي پوري ڪجي.
(2) هڪ وقت تي فقط هڪ واقعو پيش ڪيو وڃي، پوءِ اهو تمام مختصر يا طويل ڇو نه هجي.
(3) حقيقت نگاري، ڪردار، واقعا، اهڙا به نه هجن جو رڳو تصوراتي محسوس ٿئي.
(4) واقعن، مڪالمن ۽ ڪردارن ۾ ربط هئڻ کپي.
(5) آغاز ۽ انجام هجي.
(6) اجائي پٽاڙ يا وڌاءَ نه هئڻ گهرجي.
(7) ڪو پيغام، ڳالهه، خيال يا سوچ پيش ڪيل هجي.
(8) مقصديت هجي.
ڪھاڻي لاءِ پلاٽ، ڪردار، ڊائلاگ (مڪالما)، واقعو، طرز اسلوب، مرڪزي خيال ۽ پڄاڻي ضروري اهم جزا هوندا آهن. توڙي جو سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي شروعات به لوڪ قصن، داستانن ۽ عام رواجي آکاڻي کان ٿي آهي. پر اڳتي هلي جديد سنڌي ڪھاڻيون لکجڻ لڳيون. انهيءَ سلسلي ۾’حُر مَکيءَ جا‘ لعلچند امر ڏنيمل جڳتياڻيءَ لکي، هي موضوع به جديد هو ته هن ڪھاڻيءَ جو ڊڪشن به جديد هو. ان کان پوءِ امرلعل هنڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي ’ادو عبدالرحمان‘ منظر تي آئي، اهڙيءَ طرح جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو پھريون دؤر 1900ع کان شروع ٿئي ٿو. ان کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي ڏينھون ڏينھن اڳڀري رهي آهي.