گائنچا گائيچا

گائنچا/گائيچا: سنڌ ۾ وسندڙ هڪ ذات. ان ذات جي ماڻهن جي اڪثريت جابلو علائقي سان تعلق رکندڙ آهي. اها ذات گانءِ تان ورتل آهي ۽ گان ۽ ڳئون کي چيو ويندو آهي. جابلو علائقي ۾ ٻڪرين ۽ رڍن کان علاوه ڳائو مال به گهڻو پاليو ويندو آهي. ڀائنجي ٿو ته ان قبيلي وارا ڳائو مال جام ڌاريندا هئا، جنھن ڪري ان نسبت سان گائنچا سڏيا ويا. سندن رهائش کير ٿر جبل جي سڄي پھاڙي سلسلي ڪوهستان کان وٺي ڏاڙهياري جبل جي گود کان علاوه لاڙڪاڻي، دادو ۽ ڄامشوري ضلعي جي ڪيترن ئي شھرن ۾ آهي. سُگهڙ لالُو ڏُٺڙ، علي دوست عاجز ۽ احمد شاڪر هن قبيلي/ذات جا ناميارا شاعر آهن.
ھنن جا پاڙا: جسراڻي، ڏُٺڙ، رهاڻي، جکراڻي، وڏواڙي، ڇُٽاڻي، لاڙڪ، ٿوهراڻي، لوراڻي، نونياڻي، راهواڻي، نوتاڻي، چوئيراڻي، بکراڻي، سيتلاڻي، گمباڻي، محمداڻي، مُراداڻي، ويسراڻي، عرضاڻي، نٿاڻي، ڪونگاڻي، ڪوڙاسي، کاھاڻي، جُهمراڻي، باريجا، ڇاٻرو وغيره آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو