گابِڙي

گابِڙي (راند): سنڌ ۾ کيڏجندڙ هيءَ عام راند آهي، جيڪا ڪيترا ئي نوجوان گڏجي ٻن ٽولين جي صورت ۾کيڏندا آھن. رانديگرن جو تعداد مقرر ناهي هوندو. ھن راند جا ٻھ قسم آھن: هڪڙي ڇُوٽ گابڙي، جنھن ۾ سڀئي رانديگر ٻنهي پيرن تي ڊوڙندا آھن، ٻي ڪُڙي گابڙي، جنھن ۾ هڪڙي ڄنگهه مٿي ڪري، پير جو آڱوٺو هٿ سان جهليندا آھن، جنھن کي ڪُڙو جهلڻ چوندا آھن: پوءِ هڪ ڄنگهه تي ٽپندي ٽپندي هلندا آھن. ھن راند ۾ ٻھ ٽوليون هونديون آھن، هڪ آگ وٺندڙ ٽولي، تن کي مَٿَل وارا چون، ٻيا آگ ڏيندڙ، تن کي هيٺل وارا چون. پرڀرو هڪ ھنڌ واريءَ جو ڍڳ ٺاهي، هيٺل وارا سڀ وچ ۾ بيھندا. مٿل وارا سڀ مٿئين پاسي بيھندا ۽ هڪڙي ڀيچيءَ کي ’گابڙي‘ مقرر ڪري پنھنجي پاسي محفوظ ھنڌ تي بيھاريندا، جنھن کي پاڻ بچائي واريءَ جي ڍڳ کي هٿ لائڻو پوندو. مخالف ڌر کي به ٻڌائيندا ته اسان فلاڻو گابڙي بيھاريو آهي.
ٻنهي ٽولين جا مکيھ ڀيچي (وَڏ ڌوڙي) پاڻ ۾ هٿ سان تاڙي ڏيندا، جنھن کي چئبو آهي ’ڏارو ڏيڻ‘، ۽ چوندا ’ڏارو لڳو‘. انهن لفظن سان راند جي شروعات ٿيندي آهي، پوءِ سڀڪو ڀيچي پنھنجي ڀيچيءَ سان زور آزمائي ڪري هارائڻ جي ڪوشش ڪندو.
ان کان سواءِ ڪُڙي جهليل جي حالت ۾ پير جي آڱوٺي مان هٿ نڪتو يا پير زمين سان لڳو ته ’گولو‘، يعني کانتو، پوءِ اهو ويھي رھندو. ٻيو سنگتي وري ٻئي کي جهلڻ جي ڪوشش ڪندو. انهيءَ وچ ۾ گابڙي انهن کان نڪري واريءَ جي ڍڳيءَ تي پھچڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جيڪڏھن ڇُٽي نه سگهيو ۽ قابو ٿي راند هارائي ويو ته پوءِ ٻيو گابڙي بيھندو. اهڙيءَ طرح سڀئي ڀيچي واري واري سان گابڙي ٿيندا رھندا. جڏھن سڀئي سنگتي هڪ پاسي وارا ڍَڳيءَ تي پھچي ويا ته هڪ لِنڊو چڙهيو. پوءِ وري پاسا بدلائيندا ۽ مٿل وارو پاسو ٻيءَ ڌُر کي ملندو، پوءِ جي انھن اهڙيءَ طرح راند کٽي ته لِنڊو لٿو نه ته مٿن پيو هوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو