گاجي شاهه جي واهي

گاجي شاهه جي واهي: هيءَ واهيءَ جوهي تعلقي ۾ کيرٿر جبل مان نڪري، اولھه کان اوڀر طرف گاجي شاهه ڳوٺ جي وچ مان وهي ٿي ۽ هن تي ڪافي آبادي ٿئي ٿي. ھن جي مُنھن وٽ هڪ آبشار آهي جتان پوءِ واهي نڪري ٿي. ڪنھن زماني ۾ گاجي شاهه جي مزار کان گهڻو اڳي ھن واهيءَ جي پاڻيءَ کي پنھنجي ضرورت موجب واهڻ لاءِ گبر بند به ڏنل هو، جنھن جا آثار اڄ تائين موجود آھن. هي تاريخي واهي صدين کان گاجي شاهه واري جوءِ کي سر سبز رکيو اچي. ھن واهيءَ ۾ پاڻي سدائين رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو