گاجي شاھہ گبربند: ڪوهستان ۾ درگاھہ گاجي شاھہ ويجهو 610 فوٽن تائين جي ڊيگهہ ۾ گبربند جا نشان موجود آهن، جن مان 210 فوٽن تائين نئن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي پر 400 فوٽن تائين بهتر حالت ۾ مو-جود آهي، جنهن جي اوچائي 45 فوٽ آهي. هي بند، مٽي، واري ۽ پٿرن جي ميلاپ سان ٺهيل آهي. تعميرات ۾ مختلف تھہ نظر اچن ٿا. تر وارو تھہ 140 فوٽ ويڪرو آهي. جڏهن تہ ٻيو تھہ 30 فوٽ ۽ ٽيون ۽ آخري تھہ 15 فوٽ ويڪر ۾ آهي. هن بند کي پهريون ڀيرو تاج صحرائي دريافت ڪيو. ڪو بہ ماهر بند جي اڏاوت جو دؤر ڪٿي ناهي سگهيو.
آڳاٽي دور ۾ جنهن کي گبر بند سڏيندا هئا، ان کي موجودہ دور ۾ ’گوربندر‘ چيو وڃي ٿو. گبربند ٻڌڻ لاءِ جيڪي پٿر ڪتب آندا ويا آهن، اهي گبر بند جي جبلن جا ناهن بلڪ ڪنهن ٻئي هنڌان آندل آهن. پراڻي دؤر جي جابلو ماڻهن جو هي هنر ڏسي حيرت ٿئي ٿي تہ پراڻي زماني ۾ پاڻيءَ کي اهڙا بند ٻڌي محفوظ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ ڏنو ويو.