پير گاجي شاهه جو مقبرو

پير گاجي شاهه جو مقبرو

گاجي شاھ1

گاجي شاھ1 : پير گاجي شاھہ، ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد، ساٿي، خاص مشير ۽ وڏن سپھہ سالارن ۾ شامل هو. ڪاڇي ۾ اتر کان ڏکڻ يعني جوهي تعلقي کان وٺي سيوهڻ تعلقي جي نئنگ واري علائقي تائين ۽ اوڀر ۾ منڇر کان وٺي گجري جبل جي بيخ تائين کوسا آباد هئا، ان ڪري گاجي شاھہ کي ميان نصير محمد ڪلهوڙي ٽنڊي رحيم واري لڪ جو نگهدار مقرر ڪيو، جتي گاجي شاھہ هڪ مسجد، پاڻي پيئڻ جو کوھہ ۽ هڪ جانڊه (اٽي پيهڻ جي چڪي) هڻائي تہ جيئن لڪ مان ايندڙ ويندڙ مسافرن، تجارتي قافلن جي واپارين ۽ تاجرن کي پاڻي ۽ ماني آسانيءَ سان ۽ مفت ملي سگهي. ائين مغلن خلاف ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قائم ڪيل عبوري حڪومت کي مالي طور مدد، هٿيارن جي رسد ۽ بلوچ جنگجو سپاهي ڀرتي ڪرڻ ۾ آساني ٿي. اڄ بہ گاجي شاھہ جو روٽ (ماني) مسافرن، معتقدن، مريدن ۽ عام ۽ خاص کي هر وقت ملندو رهي ٿو. گاجي شاھہ جو هڪ ٿڃ شريڪ ڀاءُ دلشاد فقير، جيڪو ڪاڇي ۽ بلوچستان ۾ مال جو وڏو واپاري هو. ان کي گرسا برفت نالي هڪ طاقتور سردار ماري وڌو، گاجي شاھہ ڌرين ۾ فيصلو ڪيو، پر دلشاد جي ڀاڻيجي پياري کوسي فيصلي جي خلاف ورزي ڪندي گرسا برفت کي ماري وڌو، جنهنڪري کوسا ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. علائقي ۾ وڏي پيماني تي شورش برپا ٿي وئي. بھادر جنگجو کوسن جون تلوارون هڪ ٻئي جي خون ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون. انهيءَ خونريزيءَ کي بند ڪرڻ لاءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي مداخلت ڪرڻي پئي، باغي پياري کوسي کي شڪست ملي ۽ کوسن کي ڪاڇي جي علائقي مان نڪرڻو پيو ۽ اهي ٿر ۽ ڪڇ ڀڄ جي سرحدي علائقن ڏانهن هجرت ڪري ويا. ٿر جي سفر دوران ننگرپارڪر ويجهو سامي ماڻهن ميان نصير محمد جي ڪجهہ فقيرن تي حملو ڪيو ۽ کانئن سامان وغيرہ ڦريو، ان ڪري گاجي شاھہ کوسن کي حڪم ڏنو تہ اهي حملي آور ماڻهن کي سزا ڏين ۽ فقيرن کي سندن سامان واپس ڏيارين. حڪم جي تڪميل ڪئي وئي ۽ سامين سان جنگ ڪري کين شڪست ڏني وئي. گاجي شاھہ، ميان صاحب کي ڪڇ ڀڄ ۽ لکپت جو سير ڪرايو، ۽ اُتي خير محمد ۽ شاھہ عليءَ کي پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ بعد پنھنجي ڳوٺ اچي پهتو، ميان نصير محمد جي قيادت ۾ اعتماد رکندڙ ماڻهو گاجي شاھہ کي هر سال دعوت ڏيندا هئا ۽ ميان تي اعتماد جو اقرار ڪندا هئا. گاجي شاھہ هوتڪ پهاڙي علائقي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمن مان هڪ واھہ کوٽايو، جنهن تي آبادي ٿيڻ لڳي ۽ اهو سڄو علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو. گاجي شاھہ جي خدمتن کي ڏسندي ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس ’گنج بخش‘ جو لقب ڏنو؛ جنهن جو مطلب هو تہ ميان جي حڪم تي گاجي شاھہ هڪ وقت پنج هزار ماڻهو فوجي خدمتن لاءِ ڏئي سگهيو ٿي. ميان نصير محمد جي اسيريءَ واري عرصي ۾ ميان وال تحريڪ جي قيادت گاجي شاھہ ۽ شاھہ پنجي سلطان گڏجي ڪئي (وڌيڪ ڏسو: تحريڪ ميانوال، جلد: ٻيو). ان ڪري ميان وال فقير آزي (عاجزي) چوندا آهن:
يارو ڪرو الا توهار!
ها، ميان شاهل محمد، ميان الياس محمد،
ميان نصير محمد پنجا ڌونڪ دا ڌڻي،
گاجي گنج بخش، لکين دا ڏاتار،
شيءِ واليان دي شيءِ ٿيوي،
يارو ڪرو الا توهار!
جيئن تہ هنن ٻنهي فقيرن ميان صاحب جي مرڪز کان غير حاضريءَ دوران ميان وال تحريڪ ۾ بحران پيدا ٿيڻ نہ ڏنو ۽ مغل قانون کي سنڌ اندر بي اثر بنائي ڇڏيو. ان ڪري ميان وال تحريڪ جا ماڻهو پنهنجين دعائن ۾ ڪلهوڙا قيادت جي نالن کان پوءِ گاجي شاھہ ۽ شاھہ پنجي سلطان جا نالا وٺڻ ضروري سمجهندا آهن. ميان وال تحريڪ سان لاڳاپيل عورتون پنهـنجـن ٻـارن تـي وڏي کنـھہ جي بيماريءَ وقت پنھنجي سريلي آواز سان هيءَ دعا پڙهنديون آهن:
کر کنگهہ، لوڙها لنگهہ،
ميان نصير ٿي دستگير،
گاجي شاھہ، ڪر نگاھہ،
پنجا پير، سھڻا وير،
عنايت شاھہ تيڏا رنگ،
کر کنگهہ لوڙها لنگهہ.
هن دعا ۾ گاجي شاھہ ۽ ٻين سردارن جا نالا ميان نصير محمد کان بعد ۾ ورتا وڃن ٿا، جنهن مان سندن حيثيت ظاهر ٿئي ٿي.
بلوچستان جي بروهين سان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي فقيرن جو تڪرار ٿي پيو، ميان صاحب پنھنجي نائب گاجي شاھہ کي بروهين سان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. گاجي شاھہ حڪم جي تڪميل ڪندي بلوچستان جي جابلو علائقي ۾ بروهين سان جنگ ڪئي. اها جنگ لوهيءَ کان چند ميل اولھہ ۾ ضلعي خضدار جي تعلقي وَڍ جي حدن ۾ لڳي ، جتي وڙهندي گاجي شاھہ شھيد ٿيو ۽ کيس سندس ئي جوڙايل مسجد ۾ دفنايو ويو. هن وقت تائين هن سورهيه سردار جي مزار عام ماڻهن ۽ خاص ڪري ميانوال فقيرن جي رجوعات جو مرڪز بڻيل آهي. پير گاجي شاھہ جي شهادت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وفات کان هڪ سال اڳ ٿي هئي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ گاجي شاھہ جي وفات جو سال 1695ع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو