گاج نئن: گاج نئن ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ جي وڏي برساتي نئن آهي. گاج لفظ جي لغوي معنى گوڙ، گجگوڙ، گرج يا شور آهي. انڪري مٿس گاج نالو پيو. هيءَ برساتي نئن، برساتن ۾ الھندي جابلو علائقن مان وهندي وڏي گجگوڙ سان ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ پوي ٿي ۽ ڪاڇو سيراب ڪندي، منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. گاج نئن ۾ بلوچستان جي ضلعي خضدار جون ڪجهه نئيون پون ٿيون، جن ۾ ڪوشڪ ۽ ڪولاچي نئيون اهم آهن. گاج ڪرک ۽ زيدي جي جابلُو علائقي مان گذري ٿي، جتي گاج ۽ ڪولاچي ملي هڪ وهڪرو جوڙين ٿيون، جنھن کي بلوچستان ۾ گاج-ڪولاچي چون ٿا. جڏهن ڪولاچي نئن اچي گاج ۾ پئي ٿي، تڏهن درياهه جو رُوپ وٺي کيرٿر جابلو سلسلي مان وهندي،گورک جبل کي ڇُھندي ٿخ لڪ وٽان ڪاڇي ڏانھن رُخ ڪري ٿي. گاج نئن قديم زماني کان وهندڙ آهي. ٻين جابلُو نئيُن وانگر گاج به اَوَل درياهي ڇاڙ ۾ ڇوڙ ڪندي هُئي. اُن درياهي ڇاڙ جي ڪناري ڪيترن ئي پتڻن ۽ قديم وستين جا آثار پڻ موجود آهن، جن ۾ ماڏو، قصبو، واهي پانڌي، غازي شاھ دڙو (ماڙيکڙ)، علي مراد دڙو، پير لاکو يا لاکيو ذڪر لائق آهن. طبعي ۽ جاگرافيائي ڦيرڦار سبب جڏهن اها ڇاڙ سُڪي وئي ته گاج جو ڇوڙ هاڻوڪِي سُڪ نئن جي وهڪري سان پاٽ شريف ۽ کاٽ وٽان سنئون سڌو سنڌو درياهه ۾ ٿيڻ لڳو. جڏهن انگريز دؤر ۾ الھندو نارو نڪتو ته گاج جو ڇوڙ ناري ۾ ٿيڻ لڳو. انهن دؤرن ۾ گاج جي اضافي پاڻيءَ جو وهڪرو شول (سول) نئن وسيلي منڇر ڏانھن به رهيو. 1932ع ۾ بئراج جُڙڻ کان پوءِ گاج نئن جو تِير ڀتِ وسيلي مستقل رُخ سول نئن جي وهڪري سان منڇر ڏانھن موڙيو ويو. ڪڏهن ڪڏهن گاج نئن خطرناڪ ٻوڏن جو سبب به بڻجندي رهي آهي پر قديم زماني کان زراعت کي هٿي وٺرائيندي رهي آهي. جنھن ڪري ڪاڇي جي وڏي ايراضي آباديءَ هيٺ اچي ٿي. هي سنڌ ۾ واحد برساتي نئن آهي جنھن جو قديم زماني کان منفرد آبپاشي نمونو رهيو آهي. آبپاشيءَ جو اهو نظام نه رڳو برساتي پاڻيءَ وسيلي هلندو آيو آهي پر گاج ٻارهو ئي وهندڙ نئن آهي. هن نئين وسيلي قدرتي چشمن جي وهي ايندڙ پاڻيءَ تي پراڻي وقت کان پوکي ٿيندي رهي آهي. هتي آڳاٽي وقت کان واهن جو ٺاهيل نظام موجود هو، جنھن کي پھرين ڪلهوڙن ۽ پوءِ انگريزن جي دؤر ۾ سنواريو ۽ سُڌاريو ويو ۽ گاج اريگيشن سسٽم کي ڊويزن طور هلايو. اهو سسٽم پاڪستان جُڙڻ کان پوءِ به ڪيتري وقت تائين جاري رهيو. گاج تي مَڏَ آبپاشي نظام به صدين کان وٺي اڄ تائين رائج رهيو آهي. مقامي ماڻهو آڳاٽي دؤر کان گاج جي وهڪري تي مَڏُ آبپاشي نظام وسيلي چشمن وارو پاڻي لفٽ ڪري مٿانھين واريون ننڍيُون وڏيُون ماٿريُون پڻ آباد ڪندا آيا آهن. مَڏَ آبپاشي نظام ۾ ڪاٺ جون ٿوڻيون ڪم اچن. انهن تي ڪاٺ جا ڏَڪَ رکي تڏا وڇايا ويندا آهن. انهن تڏن تي مٽي ۽ ڇيڻا ڀوري هاريا ويندا آهن ته جيئن پاڻي گهٽ سيمو ڪري. چشمن جي پاڻيءَ کي گاج جي وهڪري مان مٿي آڻڻ لاءِ ذري گهٽ گاج جي منڍ وٽ بند ٻڌايو ويندو آهي. شروع وارو هنڌ مٿي هوندو آهي ۽ وهڪري وارو هنڌ هيٺ هوندو آهي جنھنڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اولھه کان گاج جو پيٽ مٿي آهي ۽ اوڀر طرف وهڪرو هيٺ ٿيندو ويندو آهي. اولھه کان مٿانھين وٽ بند اچڻ سبب اوڀر طرف پھاڙن سان سطح هيٺ هئڻ ڪري پاڻي مٿي چڙهڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح قديم دؤر کان پاڻي مٿي کڻي آبادي ڪئي پئي وئي آهي.