گادي: گادي لفظ جي معنيٰ بيٺڪ، تخت، مسند، تڪيو ۽ گدي آهي. پيري مريدي واري طريقي ۾ هن لفظ جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو، جڏهن ڪنھن پير يا مرشد جي وصال کانپوءِ ان جي جاءِ جيڪو ويھندو ان لاءِ اهو استعمال ٿيندو ته هي فلاڻي پير جي گاديءَ تي ويٺو آهي يا گادي نشين ٿيو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ ڪنھن شھنشاهه/بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ جيڪو ان جي مسند تي ويھندو هو ان لاءِ به اهو چيو ويندو هو ته هي فلاڻي بادشاهه جي گاديءَ تي ويٺو آهي.